سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت سيري بيگوان رليجس ٽيچرز يونيورسٽي ڪاليج برونائي دارالسلام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر حاجي عدنان بن حاجي بصر جي خصوصي دعوت تي سيري بيگوان رليجس ٽيچرز يونيورسٽي ڪاليج برونائي دارالسلام جي نائين اڪيڊمڪ ڪانووڪيشن ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيري بيگوان رليجس ٽيچرز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر حاجي عدنان بن حاجي بصر ۽ يونيورسٽي جي ٻين انتظامي عملدارن طرفان سندس شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو ۽ کيس اسٽيج تي خصوصي نشست تي ويهاريو ويو . ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ سيري بيگوان رليجس ٽيچرز يونيورسٽي ڪاليج جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر حاجي عدنان سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي آمد تي سندس شڪريو ادا ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هن دوري سان ٻنهي يونيورسٽين وچ ۾ ويجهڙائپ وارو تعلق وڌيڪ مضبوط ٿيندو ۽ تدريسي ۽ تحقيقي سهڪار کي هٿي ملندي. ڪانووڪيشن کي مهمان خاص جي حيثيت ۾ پنهنجي خطاب ۾ ڊاڪٽر برفت پنهنجي هم منصب ڊاڪٽر حاجي عدنان بن حاجي بصر پاران هن اهم تقريب ۾ شرڪت جي خصوصي دعوت ڏيڻ ۽ شاندار آڌرڀاءُ ڪرڻ تي سندس ٿورو مڃيندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي پاڪستان جي قديم ۽ بهترين يونيورسٽي آهي جتي دنيا جي مشهور يونيورسٽين مان پي ايڇ ڊي ڪندڙ انتهائي قابل استادن جي اڪثريت تدريسي ذميواريون نڀائي رهي آهي، يونيورسٽي ۾ پوري پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن جا شاگرد وڏي تعداد ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي ڊگري جي دنيا اندر وڏي اهميت آهي. اهو ئي سبب آهي جو يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ اپلاءِ ڪندڙ پرڏيهي شاگردن جي تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جون ذميواريون نڀائيندي کيس ٽن سالن جو عرصو مڪمل ٿيڻ وارو آهي ۽ انهن ٽن سالن جي عرصي دوران هن يونيورسٽي ۾ تدريسي ۽ تحقيقي معيار کي بهتر بڻائڻ جي سلسلي ۾ اهم قدم کڻڻ سان گڏ دنيا جي مختلف ملڪن جي نهايت اهم يونيورسٽين سان تدريسي ۽ تحقيقي تعاون جي سلسلي ۾ اهم يادداشت نامن تي صحيحون پڻ ڪيون آهن، جنهن جا مثبت نتيجا حاصل ٿيا آهن. وائيس چانسلر اميد ظاهر ڪئي ته سنڌ يونيورسٽي ۽ سيري بيگوان رليجس ٽيچرز يونيورسٽي ڪاليج برونائي دارالسلام وچ ۾ ٿيندڙ اهم ايم او يو سان ٻنهي يونيورسٽين جي استادن، شاگردن ۽ محققن کي وڏو فائدو پهچندو. ان سلسلي ۾ انٽرنيشنل ڪنوينشن سينٽر براڪاس، نيگارا برونائي دارالسلام ۾ منعقد ڪيل اهم تقريب ۾ ٻنهي يونيورسٽين جي هم منصبن وچ ۾ فئڪلٽي ۽ اسٽوڊنٽس ايڪسچينج سميت اهم تدريسي ۽ تحقيقي تعاون تي مشتمل يادداشت نامي تي صحيحيون پڻ ڪيون ويون. ان دوري جي موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ۽ برونائي دارالسلام جي هزميجسٽي سلطان حاجي حسن البولڪيه معذالدين وداالله ابن المرحوم سلطان حاجي عمر علي سيف الدين سعدالخيري والدعين جيڪو سيري بيگوان رليجس ٽيچرز يونيورسٽي ڪاليج جو چانسلر پڻ آهي جي وچ ۾ اهم ملاقات پڻ ٿي. ملاقات دوران تدريس ۽ تحقيق سان لاڳاپيل اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ ٻنهي يونيورسٽين و چ ۾ تعاون جي سلسلي کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي برونائي دارالسلام جي هز ميجسٽي سلطان وائيس چانسلر ڊاڪٽر برفت کي ڀليڪار چيو ۽ پاڪستان جي عوام بابت پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ برونائي دارالسلام وچ ۾ هميشه برادرانه تعلق رهيو آهي، جيڪو وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر برفت برونائي دارالسلام جي هزميجسٽي سلطان پاران سندس ڪيل عزت افزائي ۽ تعاون جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي يونيورسٽين وچ ۾ تدريسي ۽ تحقيقي تعاون جا ڏور رس بهتر نتيجا حاصل ٿيندا. وائيس چانسلر ڊاڪٽر برفت سنڌ يونيورسٽي ۽ سيري بيگوان رليجس ٽيچرز يونيورسٽي ڪاليج برونامي وچ ۾ تدريسي ۽ تحقيقي سهڪار وڌائڻ جي سلسلي ۾خصوصي تعاون ڪرڻ تي برونائي دارالسلام ۾ پاڪستان جي مقرر ٿيل هاءِ ڪمشنرعبدالعزيز طارق، ڊپٽي هاءِ ڪمشنر احمد علي ۽ برونائي دارالسلام جي پاڪستان ۾ مقرر هاءِ ڪمشنر جي پڻ مهرباني مڃي آهي.