پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه مثالي شخصيت جو مالڪ هو: ڊاڪٽر سرفراز حسين سولنگي

سيمينار کي ڊاڪٽر سيد مهتاب علي شاهه، نصير مرزا، ڊاڪٽر محمود مغل، نفيس احمد شيخ، ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر ۽ ڊاڪٽر عرفان احمد شيخ جو خطاب

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي اڳوڻي وائيس چانسلر، تعليم کاتي جي اڳوڻي وفاقي وزير، گهڻ رخي شخصيت پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي ورسيءَ جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۽ هسٽري شعبي پاران هڪ اهم سيمينار منعقد ڪيو ويو. وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ منعقد ٿيل هن تقريب جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي ڪراچيءَ ۾ آفيشل مصروفيتن سبب سندس پاران نامزد ڪيل ٺٽو ڪئمپس جي فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز حسين سولنگي ڪئي، جڏهن ته تقريب جي خصوصي مقررن ۾ نامور ليکڪ، اسڪالر ۽ اديب پروفيسر ڊاڪٽر سيد مهتاب علي شاهه، نصير مرزا، ڊاڪٽر محمود الحسن مغل ۽ نفيس احمد شيخ شامل هئا. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز حسين سولنگي پنهنجي خطاب ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جا خصوصي ٿورا مڃيا، جنهن آفيشل مصروفيتن سبب انتهائي اهم تقريب جي صدارت ڪرڻ لاءِ کيس هي موقعو فراهم ڪيو. ڊاڪٽر سولنگي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جون علمي، ادبي ۽ سماجي حوالي سان تمام گهڻيون خدمتون آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ ۽ تعليم جي وفاقي وزير جي حيثيت ۾ هن تعليم ۽ تحقيق جي فروغ لاءِ مثالي ڪردار ادا ڪيو. سندس دؤر ۾ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيترن ئي شعبن جون خوبصورت بلڊنگس تيار ٿيون. هو هر وقت ڪم ڪرڻ ۾ يقين رکندڙ هو ۽ هميشه نوجوانن کي اُتساهه ڏيندو هو ۽ کين محنت ڪرڻ جي تلقين ڪندو هو. هن چيو ته اهڙين عظيم شخصيتن کي ياد ڪرڻ ۽ کين ڀيٽا پيش ڪرڻ اسان تي فرض آهي. ان کان اڳ پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ آيل سمورن مهمانن کي ڀليڪار چيو ۽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي تعاون، رهنمائي ۽ همت افزائي جي خصوصي مهرباني مڃيندي چيو ته اڄوڪو پروگرام وائيس چانسلر جي خصوصي هدايتن تي منعقد ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ نامياري تعليمدان پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي سندس ڪيل خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪرڻ آهي. هن چيو ته ملڪ ۽ قوم جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي ياد ڪرڻ اسان جو فرض آهي. هن چيو ته پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه معياري تعليم ۾ يقين رکندڙ هو ۽ سندس چوڻ هو ته معياري تعليم کان سواءِ ڪو به ملڪ يا قوم ترقي نٿي ڪري سگهي. هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليمي ۽ تحقيقي معيار کي هٿي وٺرائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. نامور اسڪالر ۽ ليکڪ پروفيسر سيد مهتاب علي شاهه چيو ته پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. هو ويهين صديءَ جو عظيم تعليمدان هو، جنهن تعليم جي واڌ ويجهه لاءِ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪيو. سندس وائيس چانسلر شپ واري دؤر کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو مثالي دؤر چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ، سينٽرل لائبريري، سنڌالاجي، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه ايڊمنسٽريشن بلڊنگ (اي سي ٽو) سميت اهم عمارتون تعمير ٿيون. سندس شخصيت وضعدار هئي. هن هميشه محنت ۽ جاکوڙ ۾ يقين رکيو. نامياري اديب ۽ براڊ ڪاسٽر نصير مرزا چيو ته پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه مثالي شخصيت جو مالڪ هو. هن پنهنجي زندگي ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هو پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو هو، جنهن ڪيترن ئي ادارن جو بنياد وڌو. هو ننڍي کنڊ جو عظيم تعليمدان هو. نامور ليکڪ ۽ محقق نفيس احمد شيخ چيو ته شاهه صاحب جي شخصيت جا ڪيترائي پهلو آهن. هو بهترين تعليمدان، بهترين ايڊمنسٽريٽر، بهترين مقرر، بهترين ليکڪ ۽ بهترين سياستدان هو. سنڌ يونيورسٽي ۾ مثالي خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏ هن سنڌي ادبي بورڊ جي بنياد ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. نامياري ليکڪ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي استاد ڊاڪٽر محمود الحسن مغل چيو ته پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي شخصيت مشعل مثل هئي، جنهن هرطرف علم جي روشني ڦهلائي. سندس شفيق سڀاءُ اڄ به اسان جي ذهنن تي نقش آهي. تقريب جي آخر ۾ هسٽري شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عرفان احمد شيخ آيل سمورن مهمانن جي مهرباني مڃي. هن تقريب ۾ سوشل سائنسز فئڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر زرين عباسي، سينٽر آف ايڪسينيلس ان ايناليٽيڪل ڪيمسٽري جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شهاب الدين ميمڻ سميت يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام جي ڪارروائي جون ذميواريون پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي شاگردن صبيح سبحان قريشي ۽ ريما سيال سرانجام ڏنيون.