سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ چيئر ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر اينڊ ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ڪيل چئن ڏينهن وارو ڪتابي ميلو شروع ٿي ويو. ڪتابي ميلي جو افتتاح شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر قاضي خادم حسين، ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ ڄامشورو جي ڊائريڪٽر محمد علي مانجهي، ڊاڪٽر مخمور بخاري، غلام نبي ڪاڪا ۽ ٻين گڏجي ڪيو. هن ڪتابي ميلي ۾ پاڪستان جي نامور ادارن ۽ پبليڪيشنز شمس العلماء مرزا قليچ بيگ چيئر، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، ثقافت کاتوحڪومت سنڌ، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، روشني پبليڪيشن، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد، انڊس ويلي، سچائي اشاعت گهر، اردو سائنس بورڊ، نئون نياپو سميت مختلف ادارن ۽ پبليڪيشنز پاران ادب، ٻولي، تحقيق، تاريخ، تنقيد، سياست، عام معلومات، سائنس، آرٽ سميت مختلف موضوع تي ڪتاب رکيا ويا آهن، جيڪي 50 سيڪڙو رعايت تي ڏنا پيا وڃن. ڪتابي ميلي جي پهرئين ڏينهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن جي استادن، شاگردن، اديبن، ليکڪن سميت زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ 50 سيڪڙو رعايت مان ڀرپور فائدو وٺندي وڏي تعداد ۾ ڪتاب خريد ڪيا.