سنڌ يونيورسٽي رهائشي ڪالوني جو ايڊمنسٽريٽو آفيسر غلام حيدر لاشاري پنهنجي سروس پوري ڪري رٽائر ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني آفيس جي اسٽاف پاران سندس مان ۾ الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ يونيورسٽي لاءِ سندس سرانجام ڏنل خدمتن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو. ان موقعي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي سنڌ يونيورسٽي ڪالوني جي چيئرمين پروفيسر عمران علي هاليپوٽو چيو ته غلام حيدر لاشاري پنهنجي سموري ڪيريئر دوران نهايت ايمانداري ۽ سچائي سان پنهنجون ذميواريون سرانجام  ڏنيون، يونيورسٽي لاءِ سندس خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. پروفيسر هاليپوٽو ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي تعاون، رهنمائي، اعتماد ۽ همت افزائي جو خصوصي طور تي ذڪر ڪندي سندس تمام گهڻي مهرباني مڃي ۽ چيو ته وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي ترقي جون نيون منزلون طئي ڪري رهي آهي. ان موقعي تي پنهنجا ويچار ونڊيندي غلام حيدر لاشاري چيو ته هن 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ جوائن ڪيو ۽ 43 سالن جي سروس دوران مختلف ذميواريون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته هن يونيورسٽي کي هميشه پنهنجي ماءُ جيان سمجهي ان جي خدمت ڪئي آهي. يونيورسٽي پاران کيس سدائين تمام گهڻي عزت ملي آهي، جنهن لاءِ هو هميشه احسانمند رهندو. ان موقعي تي هن يونيورسٽي ڪالوني جي چيئرمين پروفيسر عمران علي هاليپوٽو سميت سموري اسٽاف طرفان سندس مان ۾ تقريب منعقد ڪرڻ تي سندن مهرباني مڃي. تقريب دوران غلام حيدر لاشاري کي اجرڪ ۽ ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو ويو ۽ کيس گلن جا هار پڻ پارايا ويا.