سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو  جي سينڊيڪيٽ جو 199 هون اجلاس سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ سينڊيڪيٽ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر فتح  محمد برفت جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ٿي گذريو، اجلاس جي شروعات ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت سينڊيڪيٽ جي سمورن معزز ميمبرن کي ڀليڪار چيو. ان بعد ايجنڊا ۾ شامل مختلف اسمن تي غور ويچار ڪرڻ بعد اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي جي مختلف انسٽيٽيوٽس جي ڊائريڪٽرن ۽ تدريسي شعبن جي چيئرمينن جي 3 سالن لاءِ  مقرري جي منظوري ڏني وئي، جنهن تحت پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوسيم شيخ کي انسٽيٽيوٽ آف ميٿاميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس، پروفيسر ڊاڪٽر نسيم اسلم چنا کي انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري، پروفيسر ڊاڪٽر حبيب الله نقوي کي انسٽيٽيوٽ آف بايو ٽيڪنالاجي اينڊ جينيٽڪ انجنيئرنگ، پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي کي انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز، پروفيسر ڊاڪٽر محمد حسن اگهيم کي سينٽر فار پيور اينڊ اپلائيڊ جيالاجي ، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه کي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايدمنسٽريشن جو ٽن سالن لاءِ ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته مختلف تدريسي شعبن جي چيئرمينن جي پڻ ٽن سالن لاءِ منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ بئنڪنگ اينڊ فنانس شعبو قائم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي.اجلاس ۾ يونيورسٽي انتظاميا پاران 2 کان 16 گريڊ جي تيار ڪيل سروس اسٽرڪچر جي تعريف ڪندي، ان جو جائزو وٺڻ لاءِ سينڊيڪيٽ پاران 5 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي جيڪا ان جو جائزو وٺندي. اجلاس ۾آفيسرن جي ترقين ۽ ٽائيم اسڪيل لاءِ پڻ سينڊيڪيٽ جي ميمبرن تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وئي جيڪا تمام جلد ان سلسلي ۾ پنهنجون سفارشات پيش ڪندي.ان موقعي تي ٻيا پڻ مختلف اهم فيصلا  ڪيا ويا. اجلاس ۾ نامزد توڙي چونڊيل ميمبرن  شرڪت ڪئي. جن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران نامزد ميمبر سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج جسٽس عدنان اقبال چوڌري، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد جي چيئرمين پاران نامزد ميمبر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نيلوفر شيخ، جسٽس سائينڏنو ميتلو، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو اڳوڻو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالاحد ابڙو، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر الدين شيخ ، گورنمينٽ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد جو پرنسپال ايڊووڪيٽ نثار احمد دراني، سنڌ يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف لا جو ڊين مسٽر جهمٽ ڄيٺانند، چونڊيل ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، ڊاڪٽر رفيق احمد لاشاري، مسٽر جمشيد بلوچ ۽ مسٽر اسدالله بليدي شامل هئا. اجلاس جي ڪارروائي سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار ۽ سينڊيڪيٽ جي سيڪريٽري ڊاڪٽر امير علي ابڙو هلائي.