سنڌ يونيورسٽي جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر غلام مرتضيٰ سيال پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڪاليج سائيڊ جا ايم اي/ ايم ڪام/ ايم ايس سي (پريويس) پوسٽ گريجوئيٽ فيز ون جا ساليانه امتحان 2018ع 24 آڪٽوبر کان ورتا ويندا. ان سلسلي ۾ سمورن اميدوارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اُهي امتحانن جي ٽائيم ٽيبل جي سلسلي ۾ پنهنجي لاڳاپيل ڪاليجن سان رابطو ڪن.