سنڌ يونيورسٽي جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۽ پيغام پاڪستان جي گڏيل تعاون سان ٻه روزه “امن ميلو” پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾ شروع ٿي ويو آهي. امن ميلي جو افتتاح سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي آفيشل دوري تي ملڪ کان ٻاهر هجڻ سبب سندس پاران نامزد ڪيل سوشل سائنسز فئڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر زرين عباسي ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان اسٽڊي سينٽر جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر، ايريا اسٽڊي سينٽر فار ايسٽ اينڊ سائوٿ ايسٽ ايشيا جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر، بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سميرا عمراڻي، سينٽر آف ايڪسيلينس اينڊ ايناليٽيڪل ڪيمسٽري جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شهاب الدين ميمڻ، ڊاڪٽر عابده طاهراڻي سنڌ ڊولپمينٽ اسٽڊيز سينٽر جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي ڄاريڪو، آءِ آر شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عشرت عباسي، اڪنامڪس شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر امبرين زيب خاصخيلي سميت مختلف شعبن جا استاد ۽ شاگرد پڻ موجود هئا. ٻن ڏينهن واري هن امن ميلي ۾ ڪتابن، هينڊي ڪرافٽس، ديسي ۽ فاسٽ فوڊز، چانهه جي اسٽالن سان گڏ روٽري ڪلينڪ پڻ قائم ڪئي وئي آهي، جتي مفت چيڪ اپ ۽ ٽيسٽون ڪيون پيون وڃن. امن ميلي ۾ موٽر وي پوليس پاران روڊ سيفٽي جي حوالي سان اسٽال قائم ڪيو ويو آهي، جتي حادثن کان بچاءَ، ٽريفڪ جي قاعدن بابت آگاهي ڏني پئي وڃي. ٻن ڏينهن واري امن ميلي ۾ ان کانسواءِ فوٽو گرافي، راندين جي مقابلن سميت ثقافتي شو پڻ ٿي رهيا آهن. ان موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي سوشل سائنس فئڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر زرين عباسي چيو ته انتهاپسندي کي مات ڏيڻ، امن جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ حب الوطني جي جذبي کي وڌائڻ ۾ هن قسم جا پروگرام اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت پاران عزت افزائي ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيندي پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۽ پيغام پاڪستان جي هيڊز کي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر امن ميلي جي مقصدن تي روشني وجهندي چيو ته هن ميلي جو بنيادي مقصد امن جي پيغام کي اجاگر ڪرڻ ۽ انتهاپسندي وارن روين کي شڪست ڏيڻ آهي. هن چيو ته نوجوان اسان جو آئيندو آهن، انهن کي بهترين تربيت جا موقعا فراهم ڪرڻ اسان جي ذميوارين ۾ شامل آهي. هن چيو ته ٻڌي ۽ گڏيل ساٿ ذريعي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. ان موقعي تي هن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي تعاون، همت افزائي ۽ حوصلا افزائي جا خصوصي ٿورا مڃيندي چيو ته هن قسم جي ڪامياب ۽ منفرد پروگرامن ۾ وائيس چانسلر جي خصوصي رهنمائي ۽ تعاون شامل آهي، جيڪو اسان کي اتساهه فراهم ڪري ٿو. ان موقعي تي هنن سڀني شرڪت ڪندڙن جو ٿورو پڻ مڃيو.