ٽيم پاران جاري پروگرامز تي اطمينان جو اظهار، اين اي سي ٽي اِي پاران تمام جلد انهن پروگرامز جي اڪريڊيٽيشن ڏني ويندي

 نيشنل اڪريڊيٽيشن ڪائونسل فار ٽيچر ايجوڪيشن (NACTE) جي ٽيم پاران سنڌ يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف ايجوڪيشن ۽ ميرپورخاص ڪئمپس جو دورو ڪري هلندڙ ايم فل، پي ايڇ ڊي ۽ بي ايڊ (ويڪ اينڊ) پروگرامز جو جائزو ورتو ۽ جاري پروگرامز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ تدريسي توڙي تحقيقي معيار جي تمام گهڻي ساراهه ڪئي. ٽيم جي دوري جو مقصد فئڪلٽي آف ايجوڪيشن ۽ ميرپورخاص ڪئمپس ۾ هلندڙ انهن پروگرامن کي اڪريڊيٽيشن ڏيڻ جي سلسلي ۾ رپورٽ تيار ڪرڻ هو، جنهن تحت تمام جلد انهن پروگرامز کي اڪريڊيٽيشن ڏني ويندي. ٽيم ۾ نيشنل اڪريڊيٽيشن ڪائونسل فار ٽيچر ايجوڪيشن جو اعزازي چيئرمين ۽ بورڊ آف  انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد ميمڻ، سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر فرخ ارشاد، پروگرام مئنيجر عظميٰ شڪور، نيشنل ايڪسٽرنل اِويليوٽرز پول ميمبرز بهاولپور يونيورسٽي جي ايجوڪيشن اينڊ ٽريننگ شعبي جو سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر ارشاد حسين بلوچ، اقرا يونيورسٽي ڪراچي جي ايجوڪيشن شعبي جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر انجم بانو ڪاظمي شامل هئا. ان موقعي تي معزز مهمانن جي مان ۾ فئڪلٽي آف ايجوڪيشن طرفان تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي فئڪلٽي آف ايجوڪيشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر صالحه پروين آيل ٽيم کي ڀليڪار چوندي اميد ظاهر ڪئي ته تمام جلد فئڪلٽي توڙي ميرپورخاص ڪئمپس ۾ هلندڙ پروگرامن کي اڪريڊيٽيشن ڏني ويندي. ان موقعي تي هن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي رهنمائي، تعاون ۽ حوصلا افزائي جو خصوصي شڪريو ادا ڪندي چيو ته يونيورسٽي کي حاصل ٿيندڙ هي ڪاميابيون وائيس چانسلر جي خصوصي ڪوشش جو نتيجو آهن. وائيس چانسلر هميشه معياري تعليم ۽ تحقيق تي يقين رکيو آهي ۽ سندس سرواڻيءَ ۾ يونيورسٽي ڏينهون ڏينهن ترقي جي سفر تي روان آهي، انشاءَ الله سندس اڳواڻيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کي عالمي معيار جي يونيورسٽي بڻائڻ جو خواب ضرور پورو ٿيندو. تقريب ۾ مهمانن کي سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي فئڪلٽي جي سينئر استادن پروفيسر عبدالستار گوپانگ، پروفيسر ڊاڪٽر افتخار حسين جعفري، ڊاڪٽر عظميٰ پنهور پڻ پنهنجي خيالن جي اظهار ۾ مهمانن جي آمد جو ٿورو مڃيو. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جو رجسٽرار ڊاڪٽر امير علي ابڙو، ڊائريڪٽر ايڊميشن غلام محمد ڀٽو، سالياني ۽ سيمسٽر امتحانن وارا ڪنٽرولز غلام مرتضيٰ سيال، محمد معشوق صديقي، ڊائريڪٽر ڪاليجز عبدالمجيد پنهور، ايڊوائيزر پلاننگ ساجد قيوم ميمڻ سميت فئڪلٽي جا استاد پڻ موجود هئا.