سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ڪراچي پاران منعقد ڪيل “ٽريڊيشنل اينڊ ڊجيٽل آرٽ اينڊ فوٽو گرافي” جي مقابلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي ڪميونيڪيشن شعبي جي آخري سال جي شاگرد بابر جهتيال ٻي پوزيشن حاصل ڪري 60 هزار رپيا انعام ماڻيو آهي. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۽ ڊي آءِ سي اِي فائونڊيشن يو ايس اي جي گڏيل تعاون سان ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن واري هن ايونٽ ۾ مختلف ادارن پاران حصو ورتو ويو. ان سلسلي ۾ ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي شيخ، سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه، ڊي آءِ سي اِي جي صدر خورشيد قريشي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن کي انعام ڏنا.