آءِ آر سي ۽ آڪسفيم پاران انٽرنيشنل گرل چائلڊ ڊي” جي موضوع تي ڪراچيءَ جي مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪيل هڪ روزه پينٽنگس جي نمائش ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي 6 شاگردن محمد رجب، ڪنول علي جتوئي، علي رضا ڪيريو، اقصيٰ احد، حسن علي ۽ دوروٿي ڪومل کي بهترين پينٽنگس ٺاهڻ تي ڏهه  ڏهه هزار رپيا انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. انعام ورهائڻ جي تقريب ۾ انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊيزائين جو ڊائريڪٽر پروفيسر سعيد احمد منگي، انسٽيٽيوٽ جا استاد پروفيسر نعمت الله خلجي، سبين نعيم، مس ناياب، مس مريم، هالار ابڙو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، جن ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن کي مبارڪون ڏنيون ۽ انسٽيٽيوٽ جي شاگردن کي صلاحيتن جي اظهار جو موقعو فراهم ڪرڻ تي آءِ آر سي ۽ آڪسفيم جا ٿورا مڃيا.