News & Events

پاڪستان ۾ زلزلن ۽ سامونڊي طوفانن جو ڪارڻ ٻيلن جو خاتمو ۽ وڻن جي واڍي قرار، مصيبتون ۽ آفتون انسانن پيدا ڪيون، انهن جو خاتمو به انسان ڪري سگهن ٿا، سماجي برايون ختم ڪرڻ لاءِ اعليٰ تعليم ضروري آهي: مقرر

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت چيو آهي ته دنيا ۾ موجود مصيبتون ۽ مسئلا انسانن جا پيدا ڪيل آهن، تنهن ڪري اهي آفتون ۽ مسئلا انسان ئي حل ڪري سگهن ٿا، نوجوان اعليٰ تعليم پرائڻ بعد ماحولياتي تبديلين ۽ معاشري جي سڌاري لاءِ ڪردار ادا ڪن ته سمورين مصيبتن جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ “ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن اينڊ ايگزيبيشن” جي سري هيٺ ٿيل ٽن ڏينهن واري قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو ڊائريڪٽر محمد علي شيخ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سوشل سائنسز فئڪلٽي جي ڊاڪٽر نگينه پروين، اڳوڻو پرو وائيس چانسلر صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه، سوشل ورڪ شعبي جو چيئرمين سيد عباس شاهه، پروفيسر ڊاڪٽر شهاب الدين مغل، ڊاڪٽر جمشيد بلوچ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. قومي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر برفت وڌيڪ چيو ته ڌرتيءَ تي انسانن جي اچڻ کان پوءِ مختلف مصيبتون ۽ مسئلا سامهون آيا آهن، ان ڪري سڀني مسئلن جو خالق انسان ئي آهي. هن چيو ته حضرت آدم عليه السلام کان اڳ دنيا ۾ ڪي به مسئلا نه هئا. ٻيلن توڙي وڻن جي واڍي ماحولياتي تبديلين جو ڪارڻ بڻي، جنهن سبب زلزلا ۽ سامونڊي طوفان اچن ٿا. ماضيءَ ۾ گلوبل وارمنگ تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو. هن چيو ته سماجي برايون عام ٿيڻ سبب معاشرتي مسئلا وڌيا ۽ ماڻهن جي اهنجن ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته ماڻهن جا پيدا ڪيل مسئلا ماڻهو پاڻ ئي حل ڪري سگهن ٿا، جنهن لاءِ شرط اهو آهي ته معياري تعليم حاصل ڪجي ۽ پاڻ سان سچو ٿجي. هن چيو ته هو يونيورسٽيءَ ۾ سڌارن لاءِ جاکوڙي رهيو آهي، جلد تبديلي نظر ايندي. پي ڊي ايم اي سنڌ جي ڊائريڪٽر محمد علي شيخ پنهنجي تقرير ۾ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي قيام ۽ ارڙهين ترميم بع ان جي حيثيت بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ نوجوانن کي تربيت وٺڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته قدرتي آفت ڪڏهن به اچي سگهي ٿي، پر ڪوشش اها ڪجي ته جاني نقصان گهٽ کان گهٽ ٿيڻ ڏجي. هن چيو ته صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جلد ايمرجنسي سروس 1122 شروع ڪندي، جنهن سان سڄي سنڌ جي ماڻهن جي مدد ڪري سگهبي. هن چيو ته اعليٰ تعليم ذريعي سماجي برائين کي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ گلوبل وارمنگ کي منهن ڏيئي سگهجي ٿو. ڪانفرنس وڌيڪ ٻه ڏينهن جاري رهندي. اڄ ڪانفرنس ۾ تحقيقي مقالا پيش ڪيا ويندا ۽ سڀاڻي پڄاڻيءَ واري تقريب منعقد ٿيندي.