سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ پرو وائيس چانسلرن، ڊينز ۽ ٻين تدريسي توڙي انتظامي سربراهن جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ يونيورسٽيءَ ۾ نومبر 2020ع کان ڪلاس هلائڻ بابت تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ 2 نومبر کان سنڌ يونيورسٽي کولڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته ڪورونا کان بچاءَ لاءِ شاگردن کي پندرهين ڏينهن ٻن گروپن ۾ گهرائڻ جو يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو آهي. فيصلي مطابق بيچلر پروگرامز جي سمورن 57 شعبن جي ٻئي ۽ ٽئين سال جي شاگردن کي مهيني جي شروعاتي 15 ڏينهن لاءِ گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ٿيو ته پهرئين ۽ آخري سال جا شاگرد اڳيان پندرهن ڏينهن ڪلاسز لاءِ يونيورسٽي اچي سگهندا. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته نومبر، ڊسمبر ۽ جنوري ۾ هلندڙ سيڪنڊ سيمسٽر جي ڪلاسز دؤران ڇنڇر ڏينهن به سنڌ يونيورسٽي کليل رهندي ۽ ورڪنگ آورز به وڌايا ويندا. اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن جي پيش نظر سمورن 28 هزار شاگردن کي هڪ ئي وقت يونيورسٽي نه گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ اتفاق ٿيو ته ڪلاسز ۾ شاگردن ۽ استادن لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي هوندو. ڪلاسن ۾ وڃڻ کان پهريان ٽيمپريچر به چڪاسيو ويندو، سينيٽائيزر جو استعمال به لازمي هوندو. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاس هلائڻ جو فيصلو شاگردن جي مفاد لاءِ ڪيو ويو آهي. سمورا اسٽيڪ هولڊرز ايس او پيز تي عمل کي يقيني بڻائين. هن چيو ته هاسٽلن ۾ ڪينٽين هلائڻ وارن کي سختيءَ سان صفائي برقرار رکڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن.