سنڌ يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب 6 مهينا يونيورسٽي بند رهڻ سبب ٿيل تعليمي نقصان جي ازالي لاءِ ورتل ڪوششن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، ايل ايل بي پارٽ ون جي امتحانن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن، بي اي، بي ايس سي ۽ ايم اي جا ساليانا رهجي ويل پرچا ورتا پيا وڃن، نومبر کان سمورن بئچن جي ٻئين سيمسٽر جا ڪلاس به شروع ٿي ويندا، جلد يونيورسٽيءَ کي سالياني تعليمي ڪيلينڊر تي آندو ويندو. اهڙو اظهار هن ڪالهه هتي سوشل سائنسز فئڪلٽي جي مختلف شعبن مان رٽائر ٿيل ٽن پروفيسرن اڪنامڪس جي ڊاڪٽر امتياز پيرزادو، پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي ڊاڪٽر شبير شيخ ۽ سنڌ ڊولپمينٽ اسٽڊيز سينٽر جي ڊاڪٽر غلام علي ڄاريڪو سان الوداعي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سوشل سائنسز فئڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر زرين عباسي پڻ موجود هئي. وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو وڌيڪ چيو ته ايل ايل بي پارٽ ٽو ۽ٿري جا نتيجا به جلد جاري ڪرڻ لاءِ ڪنٽرولر آفيس کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن رٽائر ٿيل پروفيسرن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار پڻ ڪيو. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ سڌارن لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن، جن جا ثمر جلد شاگردن تائين منتقل ٿي ويندا. ملاقات دوران رٽائر ٿيل سوشل سائنسز جي ٽنهي پروفيسرن ڊاڪٽر امتياز پيرزادو، ڊاڪٽر شبير شيخ ۽ ڊاڪٽر غلام علي ڄاريڪو کي گلن جا هار پارائڻ سان گڏ اجرڪن جا تحفا پڻ ڏنا ويا.