سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي 26 هوشيار ۽ ضرورتمند شاگردن ۾ چيڪ ورهايا. سندس چوڻ هو ته ميرٽ تحت احساس اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ شاگرد مليل رقم جو تعليمي مقصدن لاءِ درست استعمال ڪن ۽ وڌ کان وڌ محنت ڪن ته جيئن مستقبل ۾ به کين اهڙا مالي موقعا ملي سگهن. وزيراعظم پاڪستان احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ ورهائڻ واري تقريب پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو 26 ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 56500 رپين جا الڳ الڳ چيڪ ورهايا. مجموعي طور 14 لک کان وڌيڪ رقم شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جاري ڪئي وئي. ان موقعي تي سينٽر جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر، ايريا اسٽڊي سينٽر جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مڪيش ڪمار کٽواڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته احساس اسڪالرشپ مڪمل طور ميرٽ جي بنياد تي ڏني پئي وڃي ۽ انهيءَ رقم جو درست استعمال ڪري شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪنهن حد تائين فائدو وٺي سگهن ٿا ۽ پنهنجن غريب والدين جو بار گهٽائي سگهن ٿا. هن چيو ته امير ماڻهو پنهنجن ٻارن کي سٺن اسڪولن، ڪاليجن ۽ پوءِ يونيورسٽي ۾ تعليم ڏيارين ٿا، جن لاءِ ڪو مسئلي ناهي پر غريبن جي ٻارن لاءِ سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي وڏي رحمت بڻيل آهي، جتي اعليٰ تعليم جي فراهمي سان گڏ معياري تحقيق پڻ ٿي رهي آهي. هن چيو ته آن لائين ڪلاسز دوران به غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي موبائيل فون، ليپ ٽاپ ۽ انٽرنيٽ جي سهولت نه هئڻ سبب وڏي پريشاني ٿي، جنهن سبب نومبر کان ڪلاس رومز طرف وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ڪلهوڙو وڌيڪ چيو ته هن وقت سنڌ يونيورسٽي واحد وڏي يونيورسٽي آهي، جيڪا شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هاسٽلن جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ڪيترائي سال اڳ هاسٽل جي سهولت ختم ڪئي. هن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هدايت ڪئي ته اسڪالرشپ تحت مليل 56500 رپين جو درست استعمال ڪيو وڃي ۽ غيرضروري طور موبائيل فون وغيره خريد ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.