سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران لاڳاپيل لا ڪاليجن ۾ سالياني امتحان 2018ع تحت ٿيل ايل ايل بي پارٽ ون جي امتحاني نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 5368 اميدوارن مان 1816 کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر غلام مرتضيٰ سيال پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ايل ايل بي پارٽ ون جي سالياني امتحان ۾ ڪل 5368 اميدوارن حصو ورتو، جن مان 1816 اميدوار پاس ۽ 2774 اميدوار فيل قرار ڏنا ويا آهن. 211 اميدوار امتحان ۾ غير حاضر رهيا، 556 اميدوارن جا نتيجا ڪاپي ڪيس سميت مختلف سببن جي ڪري روڪيا ويا آهن، جڏهن ته 6 اميدوارن کي 3 سالن لاءِ رسٽيڪيٽ به ڪيو ويو آهي. پڌرائيءَ  موجب امتحان ۾ پاس ٿيل اميدوارن جي ڪاميابي جو تناسب 33.83 سيڪڙو رهيو.