سنڌ يونيورسٽي کي مالي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ سادگي اپائن تي عملي قدم کڻڻ جي شروعات ٿي وئي: وائيس چانسلر، رجسٽرار سميت سمورن تعليمي ۽ انتظامي عملدارن جي تيل جي مقرر حد ۾ گهٽتائي آندي وئي: پرو وائيس چانسلرز، ڊينز، سينڊيڪيٽ ميمبرن ۽ انتظامي عملدارن يڪراءِ اتفاق ڪري ورتو، ڊاڪٽر ڪلهوڙو جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار، سادگي وارن اپائن جي واکاڻ

سنڌ يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ پرو وائيس چانسلرز، ڊينز، سينڊيڪيٽ ميمبرن ۽ انتظامي عملدارن جو هڪ اهم اجلاس وائيس چانسيلر جي آفيس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ يونيورسٽي کي مالي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سادگيءَ وارن اپائن کي عملي جامو پارائيندي پهرين مرحلي ۾ رضاڪارانه طور مختلف گاڏين تي مخصوص ٿيل تيل جي حد گهٽائي وئي، جنهن سان يونيورسٽي کي ماهوار لکين رپين جو فائدو ٿي سگهندو. وي سي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ٺٽي ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ، سوشل سائنسز فئڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر زرين عباسي، نيچرل سائنس فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرسول عباسي، ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد چانڊيو، انجنيئرنگ فئڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد کنڀاٽي، ايجوڪيشن فئڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر صالحه پروين، سينڊيڪيٽ ميمبرن ڊاڪٽر رفيق لاشاري، ڊاڪٽر جمشيد چانڊيو، اسدالله بليدي، رجسٽرار غلام محمد ڀٽو، ڊائريڪٽر فنانس سيد زين العابدين شاهه، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ سيل جي ايڊوائيزر ساجد قيوم ميمڻ، سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي ۽ سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر غلام مرتضيٰ سيال شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي مالي حالت تي تفصيلي غور ويچار ڪرڻ ۽ وائيس چانسيلر پاران سادگي اپاءَ اختيار ڪرڻ واري تجويز کانپوءِ ڊين صاحبان، سينڊيڪيٽ ميمبرن ۽ انتظامي عملدارن رضاڪارانه طور پيٽرول جي حد گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو. هنن چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جو واهپو گهٽائڻ سان يونيورسٽي کي موجوده مالي بحران مان ڪڍي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۾ مدد ملندي، جنهن لاءِ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻايو ويندو. اجلاس ۾ سڀ کان پهريان وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو پاڻمرادو پنهنجي سرڪاري گاڏيءَ تي منظور ڪيل پيٽرول جي حد گهٽائڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کانپوءِ اجلاس ۾ شريڪ ميمبرن يڪراءِ پرو وائيس چانسلرن، ڊين صاحبان، ڊائريڪٽرن، انتظامي سربراهن سميت پيٽرول جي سهولت حاصل ڪرڻ جو استحقاق رکندڙ سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي تيل واري حد ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. وائيس چانسيلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو موجب ماهوار هزارين ليٽر پيٽرول ۽ ڊيزل مختلف تعليمي ۽ انتظامي سربراهن توڙي مختلف جنريٽرن لاءِ مخصوص ٿيل آهي، جنهن کي مٿي ڄاڻايل تعليمي ۽ انتظامي سربراهن پاران رضاڪارانه طور گهٽائڻ سان مالي طور يونيورسٽي کي ڪافي فائدو ٿي سگهي ٿو. اجلاس ۾ وي سي پول ۾ موجود 7 کان وڌيڪ گاڏين کي بنا ڪنهن حد جي ملندڙ پيٽرول کي به ضرورت جي بنياد تي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي. اجلاس ۾ شريڪ ميمبرن موجوده وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي سندس پاران يونيورسٽي جي مالي بهتري لاءِ ورتل سادگي وارن اپائن جي واکاڻ ڪئي وئي ۽ سادگي اپائن ۾ ساڻس مڪمل سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي.