سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ نئين تعليمي سال 2021ع لاءِ جاري داخلائن جي تاريخ ۾ 30 آڪٽوبر تائين واڌ ڪئي وئي آهي. ڊائريڪٽر ايڊميشن پاران جاري ڪيل سرڪيولر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اميدوار هاڻي تعليمي سال 2021ع تحت بيچلر ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ آن لائين فارم 30 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائي سگهن. سرڪيولر موجب اهڙا اميدوار جن داخلائن لاءِ آن لائين فارم ته جمع ڪرايا پر گهربل 2500 رپيا فيس جمع نه ڪرائي ته اهي پڻ 30 آڪٽوبر تائين فيس حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا، ٻي صورت ۾ سندن فارم رد ٿي ويندا. سرڪيولر موجب اميدوار پنهنجي اي پورٽل اڪائونٽ مان ڪمپيوٽرائيزڊ چالان ڊائون ڪري پرنٽ وٺڻ بعد فارم جي فيس لازمي جمع ڪرائين. سرڪيولر موجب داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. واضح رهي ته اميدوار يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي وڃي في الحال رجسٽريشن ڪرائڻ بعد پنهنجي ٺهيل اي پورٽل اڪائونٽ ذريعي داخلا فارم جمع ڪرائي سگهن ٿا، جڏهن ته حيدرآباد ۽ ميرپورخاص تعليمي بورڊن پاران انٽرميڊيٽ امتحانن جا نتيجا پڌرا ڪرڻ بعد اميدوار پنهنجي ئي اي پورٽل اڪائونٽ ذريعي پاس ۽ مارڪس سرٽيفڪيٽ اپلوڊ ڪري سگهندا، جنهن بعد داخلا جي ڪيٽيگريز ۽ چوائسز جي لنڪ فراهم ڪئي ويندي، جنهن کي ڪلڪ ڪري اميدوار پنهنجي داخلا جي ڪيٽيگري ۽ چوائسز لکي سگهندا.