سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ مختلف 57 شعبن ۾ بيچلر ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائون جاري آهن، جڏهن ته خواهشمند اميدوار 30 آڪٽوبر تائين آن لائين فارم ڀري سگهن ٿا. يونيورسٽي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب اميدوار بيچلر يا ماسٽر ڊگري پروگرامن ۾ داخلا وٺڻ لاءِ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي وڃي آن لائين فارم ڀري سگهن ٿا، جنهن لاءِ پهريان رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي. آن لائين فارم ڀرڻ دوران هڪ چالان به سامهون ايندو، جنهن کي ڊائون لوڊ ڪري لاڳاپيل بئنڪ ۾ 2500 رپيا جمع ڪرائڻ نهايت ضروري آهي. داخلائن لاءِ 30 آڪٽوبر تائين آن لائين فارم ڀري سگهبا، جڏهن ته بيچلر ڊگري پروگرام لاءِ انٽري ٽيسٽ جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.