ڪورونا وائرس جي وبا وڌڻ کانپوءِ 6 مهينا لاڪ ڊائون سبب تعليمي ادارا بند رهڻ کانپوءِ  پهريون ڀيرو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران پهرين سيمسٽر جي امپروئر ۽ فيليوئر شاگردن جا امتحان ڪئمپس ۾ 12 آڪٽوبر کان وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ رجسٽرار غلام محمد ڀٽو پاران جاري ڪيل سرڪيولر موجب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي سمورن ڪئمپسز ۾ امتحاني عملي توڙي شاگردن لاءِ فيس ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، جڏهن ته امتحاني هال ۾ 6 فوٽ فاصلي سان ڪرسيون رکيون وينديون ته جيئن ڪورونا وائرس خلاف حفاظتي انتظام يقيني بڻائي سگهجن. ٻئي طرف ٽرانسپورٽ شعبي پاران 12 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ امپروئر ۽ فيليوئر جي سيمسٽر امتحانن دوران پوائنٽ بسون هلائڻ جو شيڊيول ۽ ڪرونا وائرس کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز جي حوالي سان شاگردن توڙي شاگردياڻين لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ٽرانسپورٽ انچارج رحمت الله شر پاران جاري ڪيل شيڊيول موجب امپروئر ۽ فيليوئر جي سيمسٽر امتحانن دوران مختلف روٽن تي پوائنٽ بسون هلايون وينديون. بسون صبح جو 7:20 منٽن تي زيل پاڪ، بدين اسٽاپ، لطيف آباد پوڻا 7 ۽ پوڻا 5، حسين آباد، ايگريڪلچر ڪامپليڪس جي او آر قاسم آباد شاهين ڊيري، علي پئلس، شيدي ڳوٺ، سحرش نگر، نسيم نگر چوڪ، عملدار چوڪ، هيپي هومز، چانڊيا ڳوٺ، گلستان سجاد، ماروي ٽائون/ هونڊا پئلس، شورا ڳوٺ، چينل، هالا ناڪا، ڦليلي، مارڪيٽ، سٽي گيٽ ۽ اولڊ ڪئمپس کان هلنديون. بيان موجب يونيورسٽي جي پوائنٽ بسن ۾ صرف انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سفر ڪرڻ جي سهولت هوندي، جن جو امتحان هوندو ۽ اهي بسن تي چڙهڻ وقت ايڊمٽ ڪارڊ/ امتحاني سلپ لازمي طور ڪنڊيڪٽرن کي ڏيکاريندا. بيان ۾ اميدوارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ جاري ڪيل ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪن ۽ ماسڪ جو استعمال لازمي ڪن. ماسڪ نه پاتل شاگرد پوائنٽ بسن ۾ سفر نه ڪري سگهندا.