سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف بزنيس ايڊمنسٽريشن پاران بين الثقافتي ميلو 2025ع منعقد ڪيو ويو، شاگردن جو جوش ۽ جذبو: هي ميلو ثقافتي رنگن جي طاقت کي نمايان ڪندي سماجي هم آهنگي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو، اهڙيون سرگرميون شاگردن جي رابطي، قيادت ۽ اعتماد جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪن ٿيون: وي سي ڊاڪٽر فتح مري ۽ ڪمشنر فياض عباسيءَ جون ميڊيا سان ڳالهيون

 سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن پاران گذريل ڏينهن “ڪراس ڪلچرل ڪميونيڪيشن اينڊ ليڊرشپ اسٽائل” جي سري هيٺ بين الثقافتي ميلو 2025  منعقد ڪيو ويو، جتي ملڪ جي مختلف ثقافتن جي نمائندگي ڪندڙ شاگردن پنهنجا اسٽال قائم ڪري علائقائي کاڌا، زيور، مختلف ٻولين ۾ لکيل ڪتاب، ثقافتي لباس ۽ قيادت جا مختلف تصور پيش ڪيا. ڄاڻايل پروگرام آءِ بي اي جي ٽيچر ڊاڪٽر تانيہ مشتاق پنهنجي شاگردن سان گڏ ترتيب ڏنو، جنهن جو افتتاح وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن فياض حسين عباسي گڏجي ڪيو. پي وي سي مين ڪيمپس ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، ڊين ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن ڊاڪٽر جاويد چانڊيو، آءِ بي اي جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر امام الدين کوسو، رجسٽرار مشتاق علي ڄاريڪو، ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، ڊاڪٽر تانيہ مشتاق، ڊاڪٽر فرحان زيب، ڊاڪٽر نظام الدين چنا، ڊاڪٽر عبدالسميع شيخ، ڊاڪٽر انتظار علي لاشاري، ڊاڪٽر ڪي بي شاهه، ڊاڪٽر عائشہ سيد ۽ ٻين سمورن فئڪلٽي ميمبرن شرڪت ڪئي. فيسٽ 2025 ۾ ٽيهه کان وڌيڪ اسٽال لڳايا ويا، جن تي شاگردن ڪراچي، حيدرآباد، لاهور، پشاور ۽ ڪوئٽه جا روايتي ناشتا، مختلف علائقائي کاڌا، هٿ جون ٺاهيل شيون ۽ ٻيون ثقافتي شيون پيش ڪيون. وائس چانسلر ۽ ڪمشنر هر اسٽال جو جائزو ورتو، شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڪراس ڪلچرل ڪميونيڪيشن (مختلف ثقافتن وچ ۾ رابطن) ۽ قيادت بابت سندن تخليقي صلاحيتن ۽ جذبي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقع تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته هي فيسٽ ثقافتي رنگن جي طاقت کي نمايان ڪندي سماجي هم آهنگي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته اهڙيون سرگرميون شاگردن جي رابطي، قيادت ۽ اعتماد جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪن ٿيون، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي عالمي شعور کي وڌائڻ لاءِ اهڙي قسم جا علمي ۽ ثقافتي ايونٽ جاري رکندي. هن وڌيڪ چيو ته مختلف ثقافتن کي سمجهڻ سان همدردي، اتحاد ۽ ذميوار قيادت کي هٿي ملي ٿي. وائس چانسلر شاگردن ۽ فئڪلٽي جي ڪوششن کي ساراهيو، ڪن گڏجي هڪ سکيا وارو ماحول پيدا ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي چيو ته مختلف ثقافتن وچ ۾ رابطا اڄ جي ڳنڍيل دنيا ۾ مؤثر قيادت لاءِ نهايت ضروري آهي. هن چيو ته اهڙا پروگرام شاگردن کي علائقائي حدن کان اڳتي وڌڻ، هڪ ٻئي کان سکڻ ۽ قومي سطح تي وسيع نظر پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا. هن شاگردن کي پاڪستان جي ثقافتي رنگن کي سهڻي نموني پيش ڪرڻ تي ساراهيو ۽ چيو ته قيادت تڏهن وڌي ٿي، جڏهن ماڻهو مختلف قدرن ۽ پسمنظرن کي سمجهن ٿا. بعد ۾ ڪمشنر وائس چانسلر سان گڏ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريچر جو دورو ڪيو، جتي هن هڪ ڪلاس ورتو ۽ انتهائي دلچسپ ۽ حوصلو افزا ليڪچر ڏنو. هن شاگردن کي پنهنجي مستقبل بابت هاڻي کان ئي سوچڻ لاءِ همٿايو ۽ کين نون علمي ۽ پيشاور رستن بابت رهنمائي فراهم ڪئي. وائيس چانسلر ۽ ڪمشنر ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانا بيگم ملاح جي دعوت تي ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيميسٽري پڻ پهتا، جتي پڻ هنن شاگردن سان ملاقات ڪئي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/12/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف بزنيس ايڊمنسٽريش...
View Details → 11/12/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ ڊرامن جو اسڪرپٽ تيار ڪرڻ بابت ورڪ...
View Details → 11/12/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي وي سي سان تائيڪوانڊو ميڊلسٽس شاگ...
View Details → 11/12/2025