سنڌ يونيورسٽي ۾ ڊرامن جو اسڪرپٽ تيار ڪرڻ بابت ورڪشاپ منعقد، نامور ڊراما نگار رفيق آغا شاگردن کي ڪردارسازي، ڊائلاگ توڙي ڪهاڻي لکڻ ۽ پلاٽ تيار ڪرڻ بابت گُر ٻڌايا

سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جي ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز گذريل ڏينهن “ڊراما اسڪرپٽ ڪريئيشن” جي موضوع تي هڪ ڏينهن وارو ورڪشاپ منعقد ڪيو، جنهن جو مقصد شاگردن جي تخليقي ۽ پيشاور لکڻين جي مهارتن کي ٽيليويزن ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمز لاءِ وڌيڪ موثر بڻائڻ هو. نامياري ڊراما نويس ۽ اسڪرين رائيٽر رفيق آغا ورڪشاپ جو ريسورس پرسن هو. قومي ميڊيا لاءِ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ ڪيترائي مقبول ڊراما لکندڙ رفيق آغا شاگردن کي ڪردار سازي، ڊائلاگ لکڻ، پلاٽ تيار ڪرڻ ۽ ڪهاڻي ٻڌائڻ جي فني طريقن بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو. هن نوجوان ليکڪن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي اسڪرپٽن ۾ اصليت، ثقافتي مناسبت ۽ جذباتي گهرائين کي ترجيح ڏين ته جيئن اثرائتي ۽ معنيٰ خيز ڪهاڻيون تيار ٿي سگهن. ورڪشاپ جي ميزباني ڊاڪٽر محمد رمضان پھوڙ ڪئي، جنهن مهمان، فئڪلٽي ميمبرن ۽ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته اهڙا عملي سکيا وارا موقعا ميڊيا جي شاگردن کي تخليقي انڊسٽري لاءِ تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. پروفيسر بشير احمد ميمڻ، ڊاڪٽر فرحين قاسم، جانِ عالم سولنگي ۽ عائشہ جمالي پڻ بحث ۾ سرگرم شرڪت ڪئي ۽ اسڪرپٽنگ جي فني طريقن ۽ ٽيليويزنجي  ڊجيٽل پروڊڪشن جي تبديل ٿيندڙ گهرجن بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا. ڄاڻايل ورڪشاپ ڊپارٽمينٽ جي ملازمن فدا ڀاڳت، فريد جمالي، انجم آرا لغاري ۽ وحيد راهي ڀٽي جي گڏيل ڪوششن سان منعقد ٿي سگهيو. هنن ڪامياب ورڪشاپ لاءِ ڪيترن ڏينهن کان محنت جاري رکي. ورڪشاپ جي پڄاڻيءَ تي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد قاسم نظاماڻي ريسورس پرسن، فئڪلٽي ۽ شاگردن جي ڀرپور شرڪت تي سندن ٿورا مڃيندي چيو ته هن ورڪشاپ علمي سکيا ۽ عملي ضرورتن جي وچ ۾ پل جو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته کيس يقين آهي ته ورڪشاپ شاگردن لاءِ انتهائي فائديمند ثابت ٿيو. آخر ۾ مهمان اسپيڪر کي سنڌي ثقافتي سوکڙي اجرڪ پيش ڪئي وئي، جيڪو ورڪشاپ جي منتظمين طرفان احترام ۽ ساراهه جو اظهار هو۔

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/12/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف بزنيس ايڊمنسٽريش...
View Details → 11/12/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ ڊرامن جو اسڪرپٽ تيار ڪرڻ بابت ورڪ...
View Details → 11/12/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي وي سي سان تائيڪوانڊو ميڊلسٽس شاگ...
View Details → 11/12/2025