سنڌ يونيورسٽي جي وي سي سان تائيڪوانڊو ميڊلسٽس شاگردياڻين جي ملاقات، مبارڪباد پيش؛ ڊاڪٽر مريءَ پنهنجي کيسي مان انعام طور کين روڪ رقم ڏني
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي گرلس تائيڪوانڊو ٽيم جي شاگردياڻين ڪراچي ۾ ٿيل پنجين الائنس تائيڪوانڊو اوپن چيمپيئن شپ 2025 ۾ سوني ۽ چاندي جا تمغا ماڻي نمايان ڪارڪردگي ڏيکارڻ بعد گذريل ڏينهن وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ٽيم سان گڏ ڊائريڪٽر اسپورٽس، هيڊ ڪوچ ۽ ڪوچ پڻ موجود هئا. وائيس چانسلر شاگردياڻين کي ايونٽ ۾ مجموعي طور ٻيو نمبر حاصل ڪرڻ ۽ ٻه سونا ۽ ڇه چانديءَ جا تمغا کٽڻ تي سندن ساراهه طور کين روڪ رقم انعام طور ڏني. وي سي ڊاڪٽر مريءَ سونا تمغا کٽيندڙ جوهر نظاماڻي (بي ايس فزيڪل ايجوڪيشن) ۽ ماهه نور خان (بي ايس فزيڪل ايجوڪيشن) کي 3-3 هزار رپيا انعام طور پنهنجي کيسي مان ڏنا. هن چانديءَ جا تمغا کٽيندڙ نبه ڀٽي (بي ايس انگريزي ايپلايڊ لنگوئيٽڪس)، زينه آفان (بي ايس فزيڪل ايجوڪيشن)، اقصا ڌاريجو (بي ايس فزيڪل ايجوڪيشن)، ايلسا ڌاريجو (بي ايس زوالاجي) ۽ صفيه جمالي (بي ايس فزيوالاجي) کي 2-2 هزار رپيا انعام طور ڏنا. وائيس چانسلر همت افزائي طور هيڊ ڪوچ عبد الرحيم خان کي 10 هزاررپيا ۽ ڪوچ شهريار صديقي کي 5 هزار رپيا پڻ ڏنا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پروفيسر ڊاڪٽر فتح مري رانديگرن کي مبارڪباد ڏيندي سندن محنت ۽ جذبي جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ٽيم پنهنجي نظم ضبط ۽ محنت سان يونيورسٽي جو نالو روشن ڪيو آهي. هن چيو ته اها ڪاميابي ڪيمپس تي وڌندڙ اسپورٽس ڪلچر جي جي عڪاسي ڪري ٿي، جڏهن ته يونيورسٽي اهڙن باصلاحيت شاگردياڻين جي مڪمل همٿ افزائي جاري رکندي، جيڪي نمايان ڪارڪردگي ڏيکارين ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ڇوڪرين جي ٽيم جي اها ڪاميابي ٻين شاگردن لاءِ به حوصلا افزائي آهي ته اهي به جذبي ۽ سچائيءَ سان راندين کي اڳتي وڌائين.