Skip to main content

پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو سنڌ يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جو ڊين مقرر، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت سان ملاقات، وائيس چانسلر پاران مبارڪباد

 سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ جي يونيورسٽين جي چانسلر سيد مراد علي شاهه پاران سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس جي پروفيسر ۽ انچارج ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو کي فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جو ٽن سالن لاءِ ڊين مقرر ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو […]

سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت پاران نامياري ليکڪ، مترجم، صحافي، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس ڊاڪٽر آصف اسلم فرخي جي وفات تي ڏک ۽ تعزيت جو اظھار

سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت نامياري ليکڪ، مترجم صحافي، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس ڊاڪٽر آصف اسلم فرخي جي وفات تي گهري ڏک جو اظھار ڪندي چيو آھي ته ڊاڪٽر آصف اسلم فرخي بهترين ليکڪ ۽ بهترين شخصيت جو مالڪ هو،  هو منهنجي ويجهن دوستن ۾ شامل هو. ساڻس 30 سال […]

سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت پاران نامياري ليکڪ، صحافي، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس ڊاڪٽر آصف اسلم فرخي جي وفات تي گهري ڏک جو اظھار

سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت نامياري ليکڪ، صحافي، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس ڊاڪٽر آصف اسلم فرخي جي وفات تي گهري ڏک جو اظھار ڪندي چيو آھي ته ڊاڪٽر آصف اسلم فرخي بهترين ليکڪ ۽ بهترين شخصيت جو مالڪ هو ، هو وسيع مطالعو ۽ سٺي سوچ رکندڙ ماڻھو هو سندس […]

سنڌ يونيورسٽي آن لائين تعليم شروع ڪري ڇڏي، وائيس چانسلر پاران آن لائين ڪلاسز جو جائزو، شاگردن کي ڀليڪار

سنڌ يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جي منظوري، سنڌ حڪومت ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي گائيڊ لائينز جي روشني ۾ سنڌ يونيورسٽي آن لائين تعليم جو شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي سمورن ڪئمپسز جي استادن لرننگ مئنيجمينٽ سسٽم جي مدد سان،  زوم وڊيو لنڪ ذريعي شاگردن […]

شاگردن جو روشن مستقبل يونيورسٽي جي ذميواري آهي جنهن ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏينداسين، گڏجي ڏکيائين جو مقابلو ڪنداسين: ڊاڪٽر فتح محمد برفت

شاگردن انهن جي والدين ۽ سماج جي علم دوست حلقن آن لائين تعليم کي سنڌ يونيورسٽي جو تاريخي ۽ مثالي قدم قرار ڏيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي آهي. سنڌ يونيورسٽي جي بيورو آف اسٽيگس پاران آفيشل فيس بڪ پيج  تي شاگردن جي آن لائين […]

سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي صدارت ۾ ڪوالٽي اشئورنس ڪميٽي جو آن لائين اجلاس منعقد، پهرين جون کان شروع ٿيندڙ آن لائين ڪلاسز جي تيارين جو جائزو ورتو ويو، پرو وائيس چانسلرز، فوڪل پرسنز، ڊينز ۽ شعبن

سنڌ يونيورسٽي پاران پهرين جون کان آن لائين ڪلاسز شروع ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ان سلسلي ۾ ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي صدارت هيٺ ڪوالٽي اشئورنس ڪميٽي جو آن لائين اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي صدارت […]

سنڌ يونيورسٽي جي آءِ ٽي جي ٽيم جون ڪاوشون ساراهه جوڳيون آهن، قابل فئڪلٽي ميمبرن هر موقعي تي پاڻ ملهائي يونيورسٽيءَ جي نيڪ نامي ۾ اضافو ڪيو آهي: ڊاڪٽر فتح محمد برفت

سنڌ يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جي اجلاس ۾ پهرين جون کان آن لائين ڪلاسز شروع ڪرڻ واري فيصلي تحت سنڌ يونيورسٽي جي استادن کي لرننگ مئنيجمينٽ سسٽم (ايل ايم ايس) جي استعمال جي طريقيڪار بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ آن لائين ٽريننگ سيشنز شروع ڪيا ويا آهن. پهرئين ڏينهن فئڪلٽي آف آرٽس ۽ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ […]

سنڌيونيورسٽي آن لائين تعليم جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون، پهرين جون کان آن لائين ڪلاسز ورتا ويندا

تازو سنڌ يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جي اجلاس ۾ پهرين جون کان آن لائين ڪلاسز شروع ڪرڻ واري فيصلي تحت  يونيورسٽي آن لائين تعليم جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. استادن پاران شاگردن کي آن لائين ليڪچرز ڏيڻ، سافٽ فارم ۾ ليڪچر تيار ڪري يونيورسٽي پاران تيار ڪيل لرننگ مئنيجمينٽ سسٽم ( ايل ايم ايس) […]

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اڳين مٿين ڪلاسن ۾ داخلا لاءِ في جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 12 جون 2020ع تائين واڌ

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊائريڪٽر ايڊميشنز غلام محمد ڀٽو پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سنڌ يونيورسٽي جي بيچلر ٻئي، ٽئين، چوٿين، پنجين ۽ ماسٽر (فائنل) مارننگ ۽ ايوننگ ڪلاسن جي تعليمي سال 2020ع ۾ داخلا لاءِ في جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 12 جون 2020ع تائين واڌ ڪئي وئي آهي. پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي […]

سنڌ يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو آن لائين خصوصي اجلاس منعقد ، پهرين جون کان آن لائين ڪلاسز شروع ڪرڻ جو فيصلو

وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا آن لائين سيمينارز وٺڻ  جو پڻ فيصلو ڪيو ويو سنڌ يونيورسٽي پنهنجي شاگردن جو تعليمي سال ضايع ٿيڻ نه ڏيندي، اڪيڊمڪ ڪائونسل ميمبرن  سميت يونيورسٽي جي سمورن استادن جي تعاون جو ٿورائتو آهيان: ڊاڪٽر فتح […]