Skip to main content

سنڌ يونييورسٽي جي ٻنهي ماڊل اسڪولن ۾ ماهوار 300 رپيا فيس آهي، جنهن ۾ معياري تعليم سان گڏ ٽرانسپورٽ جي سهولت به موجود آهي، والدين کي اڃا ڪيتري رعايت گهرجي، واويلا بند ڪئي وڃي: ترجمان

سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان سنڌ يونيورسٽي ماڊل اسڪول حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي حوالي سان ڇپيل خبرن جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ هلندڙ ٻنهي ماڊل اسڪولز ۾ ماهوار فيس صرف 300 رپيا مقرر ٿيل آهي، جڏهن ته گذريل 6 سالن کان انهيءَ فيس ۾ هڪ رپئي جي واڌ به نه ڪئي […]

سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پاران اربن فاريسٽ ۽ ٽرانسپورٽ ورڪشاپ جو دورو: ڪئمپس اندر خوبصورتي ۽ وڻڪاري لاءِ جوڳا انتظام ڪيا ويندا، فاريسٽري سان گرمي پد گهٽائڻ ۾ مدد ملندي: ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو

سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي خوبصورتي ۽ وڻڪاري لاءِ جوڳا انتظام ڪيا ويندا ۽ ڪئمپس اندر واقع روڊن رستن جي صفائي سٿرائي به يقيني بڻائي ويندي. پاڻي جا ٽينڪر ڀرائڻ بجاءِ ڪئمپس ۾ واقع اربن فاريسٽري ۾ ٻوٽن جي واڌ ويجهه لاءِ ڊرپ ايريگيشن […]

آن لائين ڪلاسز جي خاتمي جو فيصلو شاگردن جي بهترين مفاد ۾ ڪيو ويو، 6 مهينن جي تعليمي خال کي ڀرڻ لاءِ جامع پاليسي جوڙي وئي آهي، چاهيون ٿا ته شاگردن جو وقت برباد ٿيڻ کان بچي: سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان جي و

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ترجمان ڪجهه اخبارن ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪلاسز جي حوالي سان ڇپيل خبرن جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته ڪرونا وائرس سبب پيدا ٿيل تعليمي خال ۽ شاگردن جي ٿيل علمي نقصان جي ازالي لاءِ ايندڙ پنجن مهينن لاءِ هڪ جامع پلان جوڙيو ويو آهي، جنهن سان آخري سال جي شاگردن […]

سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو پاران بوائز ۽ گرلز هاسٽلن جو دؤرو: هلندڙ مرمتي ڪم جو جائزو: بورچيخانن، ڪمرن ۽ ٽي وي هالن کي ٻه دفعا ڌوئاري اسپري ڪرائڻ ۽ اسٽريٽ لائيٽون لڳائڻ لاءِ ٽن ڏينهن

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو بوائز ۽ گرلز هاسٽلن جو دؤرو ڪري صفائي سٿرائي، رنگ روغن ۽ هلندڙ مرمتي ڪم جو جائزو ورتو ۽ ڪمرن، بورچيخانن، ٽي وي هالن ۽ واش رومن جي مڪمل صفائي ۽ اسپري ڪرائڻ سميت سمورو ڪم ٽن ڏينهن اندر مڪمل ڪري لاڳاپيل عملدارن کي […]

سنڌ يونيورسٽي جي اسڪالر پاران پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز جو ڪامياب دفاع

 سنڌ يونيورسٽي جي سنڌ ڊولپمينٽ اسٽڊي سينٽر جي پي ايڇ ڊي اسڪالر عاشق علي جويو ڪاميابيءَ سان پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز جو ڪامياب دفاع ڪندي رورل ڊولپمينٽ ۾ ڊاڪٽريٽ ڊگري جي حاصلات لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. اسڪالر عاشق علي جويو جي پي ايڇ ڊي جو فائنل سيمينار يونيورسٽي جي انٽرنيشنل رليشنز ڊپارٽمينٽ جي […]

سنڌ يونيورسٽي ۾ اسلامڪ اسٽڊيز جي اسڪالر فريضه دانش جي پي ايڇ ڊي جو فائنل سيمينار سڀاڻي خميس تي ٿيندو

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اسڪالر فريضه دانش جي پي ايڇ ڊي جو فائنل سيمينار سڀاڻي خميس تي صبح يارهين وڳي اسلامڪ اسٽڊيز جي ڊين آفيس ۾ منعقد ٿيندو. سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو پي ايڇ ڊي سيمينار جي صدارت ڪندو. فريضه دانش جو پي ايڇ ڊي ٽاپڪ “فقه امام ترمذي […]

سنڌ يونيورسٽي جي وي سي پاران لاڙ ڪئمپس بدين ۾ 29 مستحق شاگردن ۾ چيڪ ورهايا ويا

سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪيمپس بدين ۾ هوشيار ۽ مستحق شاگردن ۾ احساس اسڪالرشپ جي چيڪ ورهائڻ جي تقريب منقعد ڪئي ويئي، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو مختلف ڊپارٽمينٽ جي نامزد ڪيل 29 شاگردن ۾ چيڪ ورهايا. وائيس چانسلر انهي موقعي تي خطاب ڪندي شاگردن کي تلقين ڪئي ته […]

سنڌ يونيورسٽي ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيل تعليمي خال ڀرڻ ۽ شاگردن جي علمي نقصان جي ازالي لاءِ جامع پلان تيار، مختلف تعليمي ۽ انتظامي سربراهن پاران منظوري

آڪٽوبر ۾ آن لائن ڪلاس نه وٺي سگهندڙ شاگردن جا ڪلاس هلايا ويندا، فيليوئر، امپروئر ۽ آن لائن امتحان نه ڏئي سگهندڙ اميدوارن جا امتحان پڻ ٿيندا، پهرين نومبر کان 31 جنوري 2021 تائين سمورن بئچن جي ٻئين سيمسٽر جا ڪلاس هلائي فيبروري ۾ امتحان وٺڻ جو به يڪراءِ فيصلو: تعليمي سال 2021 جا ڪلاس […]

سنڌ يونيورسٽي جي ايريا اسٽڊي سينٽر ۽ چين جي سيچوان نارمل يونيورسٽي ۾ تعليمي معاهدو: ريسرچرن ۽ ٽيچرن لاءِ ايڪسچينج پروگرام ۽ تربيت ڪورس شروع ڪرائڻ جو فيصلو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ايريا اسٽڊي سينٽر ۽ چين جي سيچوان نارمل يونيورسٽي جي اسٽڊي سينٽر فار سائوٿ ايشيا، اڪيڊمي آف گلوبل گورننس اينڊ ايريا اسٽڊيز وچ ۾ تعليمي معاهدو ٿيو، جنهن تي ايريا اسٽڊي جي ڊائريڪٽر مڪيش ڪمار کٽواڻي ۽ چين جي اڪيڊمي آف گلوبل گورننس اينڊ ايريا اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر پروفيسر لِوجنگ صحيحون […]

سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن جا بي اي/ بي ڪام/ بي ايس سي پارٽ ٻئي ۽ ايم اي فائنل جا ملتوي ٿيل پيپر 03 آڪٽوبر 2020ع کان ورتا ويندا

سنڌ يونيورسٽيءَ جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر غلام مرتضيٰ سيال پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن جا بي اي/ بي ڪام/ بي ايس سي پارٽ ٻئي ۽ ايم اي فائنل سال 2019ع جا پيپر جيڪي ڪووڊ-19 سبب ملتوي ڪيا ويا هئا، اهي پيپر 03 آڪٽوبر 2020ع کان ورتا ويندا. جاري ڪيل سرڪيولر […]