Skip to main content

سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل ڪاليجن جا بي بي اي ۽ ايم بي اي جا سيڪنڊ سيمسٽر امتحان 13 آڪٽوبر کان ورتا ويندا

سنڌ يونيورسٽيءَ جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل پرائيويٽ ۽ سرڪاري ڪاليجن جا بي بي اي/ ايم بي اي سال 2019ع جا ٻئي سيمسٽر جا امتحان اڱاري 13 آڪٽوبر 2020ع کان ورتا ويندا. جاري ڪيل سرڪيولر ۾ لاڳاپيل ڪاليجن ۽ اميدوارن کي ايس او پيز جو […]

سنڌ يونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ شعبي پاران آخري سال جي شاگردن لاءِ پوائنٽ بسن جو روٽ پلان جاري، مقرر روٽس تان صبح جو 7:30 وڳي پوائنٽ بسون يونيورسٽي لاءِ روانيون ٿينديون

 سنڌ يونيورسٽيِءَ جي ٽرانسپورٽ شعبي پاران آخري سال جي شاگردن لاءِ پوائنٽ بسن جو روٽ پلان جاري ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ٽرانسپورٽ انچارج رحمت الله شر پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سنڌ يونيورسٽيءَ جي آخري سال جي شاگردن لاءِ پوائنٽ بسون پنهنجي مقرر ڪيل مکيه رستن اولڊ ڪئمپس، واڌو واهه، ڦليلي، ٽاور مارڪيٽ، […]

سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ هڪ وڏو اعزاز، ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن شعبي جي استاد ڊاڪٽر ذوالفقار علي قريشي کي موسيقيءَ جي شعبي ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ جي اعتراف ۾ صدارتي اعزاز “تمغه حسن ڪارڪردگي” سان نوازيو ويو، وقت

سنڌ يونيورسٽيِءَ لاءِ هڪ وڏي اعزاز واري ڳالهه آهي ته يونيورسٽيءَ جي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن شعبي جي ائسوسيئيٽ پروفيسر ۽ موسيقي جي مايه ناز اوائلي گواليار گهراڻي جي چشم و چراغ ڊاڪٽر ذوالفقار علي قريشي کي موسيقيءَ جي شعبي ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ جي اعتراف ۾ صدارتي اعزاز “تمغه حسن ڪارڪردگي” سان نوازيو ويو آهي، جيڪو […]

سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايريا اسٽڊي سينٽر فار ايسٽ اينڊ سائوٿ ايسٽ ايشيا پاران “ٿائلينڊ ۾ وڌندڙ سياحتي صنعت ۽ پاڪستان لاءِ سکڻ جا موقعا” جي موضوع تي انٽرنيشنل ويبينار منعقد

سنڌ يونيورسٽيِءَ جي ايريا اسٽڊي سينٽر فار ايسٽ اينڊ سائوٿ ايسٽ ايشيا پاران “ٿائلينڊ ۾ وڌندڙ سياحتي صنعت ۽ پاڪستان لاءِ سکڻ جا موقعا” جي موضوع تي انٽرنيشنل ويبينار منعقد ڪيو ويو. هن ويبينار جي مقررن ۾ گاديا مادا يونيورسٽي، انڊونيشيا جي ٽوئرزم اسٽڊيز پروگرام جي پروفيسر ڊاڪٽر ارڊا رندراسي، يو اين اِي پي بئنڪاڪ […]

سنڌ يونيورسٽيءَ جي بوائز هاسٽلن ۾ ري الاٽمينٽ لاءِ في جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 30 سيپٽمبر 2020ع تائين واڌ

سنڌ يونيورسٽيِءَ جي بوائز هاسٽلز جي ايڊمنسٽريٽو آفيسر پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق هاسٽل ۾ ري الاٽمينٽ لاءِ في جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ اربع 30 سيپٽمبر 2020ع تائين واڌ ڪئي ويئي آهي.  

سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي خانگي ڪاليجن جا بي سي ايس ۽ بي ايس سافٽ ويئر/ بي سي آءِ ٽي پارٽ ٽئين جا ملتوي ٿيل پيپر 22 سيپٽمبر 2020ع کان ورتا ويندا

 سنڌ يونيورسٽيءَ جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي خانگي ڪاليجن جا بي سي ايس ۽ بي ايس سافٽ ويئر/ بي سي آءِ ٽي پارٽ ٽئين سال 2019ع جا سيڪنڊ سيمسٽر جا پيپر جيڪي ڪورونا جي وبا سبب ملتوي ڪيا ويا هئا، اهي پيپر […]

وزيراعظم پاڪستان جي احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت شاگردن ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهائڻ جي تقريب منعقد، وقتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو مختلف شعبن جي 315 شاگردن ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ

وزيراعظم پاڪستان جي احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن جي نامزد ڪيل 1313 ضرورتمند شاگردن ۾ چيڪ ورهائڻ جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس پاران وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ ايس او پيز تحت چيڪ ورهائڻ جي تقريب منعقد ڪئي […]

سنڌ حڪومت پاران پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو سنڌ يونيورسٽي جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، عهدي جي چارج سنڀالي ورتي

سنڌ حڪومت جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري محمد رياض الدين پاران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي حڪمن سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وقتي وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آھي، جنهن پنهنجي […]

سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير حاجي ظفر علي خان لغاري پاران سنڌ يونيورسٽي جو دورو، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت سان ملاقات، سنڌ يونيورسٽي ۾ آندل سڌارن ۽ ماڻيل مثالي ڪاميابين تي وائيس چ

سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير حاجي ظفر علي خان لغاري سنڌ يونيورسٽي جي دوري تي پهچي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت سان ملاقات ڪئي۔ وائيس چانسلر هائوس تي ٿيل ان ملاقات جي موقعي تي معزز مهمان کي ڀليڪار ڪندي وائيس چانسلر پاران کيس اجرڪ اوڍايو ويو۔ ان موقعي تي گڏيل دلچسپي جي […]

سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي صدارت هيٺ ڊينز ڪاميٽيءَ جو اهم اجلاس منعقد ، 15 سيپٽمبر کان ايس او پيز تحت تدريسي شعبا کولڻ جو فيصلو، پهرين مرحلي ۾ آخري سال جي شاگردن جا ڪ

 سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي صدارت هيٺ ڊينز ڪاميٽيءَ جو هڪ اهم اجلاس وائيس چانسلر آفيس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ حڪومت جي فيصلي تحت 15 سيپٽمبر کان ايس او پيز تحت يونيورسٽي جا سمورا تدريسي شعبا کولڻ ۽ پهرين مرحلي ۾ صرف آخري سال جي شاگردن جا ڪلاسز شروع ڪرڻ […]