سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻئي ڏينهن به سيمسٽر جا امتحان پرامن ماحول ۾ جاري: وائيس چانسلر طرفان فئڪلٽي آف فارميسي ۽ سنڌ رورل ڊولپمنٽ سينٽر جي امتحاني مرڪزن جا اوچتا دورا

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پهرئين سيمسٽر جا امتحان خوشگوار ماحول ۾ جاري آهن، مختلف شعبن ۾ صبح ۽ شام جي شفٽن تحت شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجا پرچا ڏنا، جڏهن ته يونيورسٽي انتظاميا پاران پيئڻ جي ٿڌي پاڻي، سيڪيورٽي ۽ وقت تي پوائنٽ بسون هلائڻ سميت سموريون بنيادي سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن. امتحانن جي ٻئي ڏينهن به وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو اوچتو فئڪلٽي آف فارميسي پهچي امتحاني عمل جو جائزو ورتو ۽ مختلف ڪلاس رومن ۾ وڃي امتحان ڏيندڙ نوجوانن کان سندن پرچن بابت دريافت ڪئي. ان موقعي تي مختلف شعبن جا چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي گهوٽو، ڊاڪٽر عبيدالرحمان مغل، ڊاڪٽر عبدالحڪيم، ڊاڪٽر فوزيه پنهور، ڊاڪٽر مدن لال، سيد احمد شاهه، ڊاڪٽر محمد اسحاق عباسي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. بعد ۾ وائيس چانسلر سنڌ رورل ڊولپمينٽ سينٽر پهتو، جتي سينٽر ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ارم خوشنود ۽ ٻين سندس آڌرڀاءُ ڪيو. وائيس چانسلر رورل ڊيولپمينٽ سينٽر ۾ پڻ امتحاني عمل جو جائزو ورتو، پيئڻ جي پاڻيءَ جي ڪولرن، صفائي سٿرائي واري نظام جي برقراري سميت ٻين انتظامن جو معائنو ڪيو ۽ ڊائريڪٽر پاران ورتل اپائن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي سمورن ڪئمپسز ۾ پهرئين سيمسٽر جا امتحان خوشگوار ماحول ۾ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته انويجيليٽر  امتحاني بلاڪن جي ڪڙي نگراني ڪري رھيا آھن. هن چيو ته انويجيليٽرن پاران ميرٽ ۽ شفافيت کي برقرار رکڻ سبب هو جس لهڻن. هن امتحان ڏيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي صلاح ڏني ته هو گرميءَ جي لهر کان بچڻ جي ڪوشش ڪن ۽ وقت تي پوائنٽ بسن ذريعي اچن ته جيئن اُس کان بچي سگهن.