سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي نجي ڪاليجن ۾ پنج سالا ايل ايل بي (آنرز) پروگرام جي ٻئي سيمسٽر جا امتحان 5 جون کان 15 جون تائين وٺڻ جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پنهنجي هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي نجي ڪاليجن ۾ 5 سالا ايل ايل بي (آنرز) پروگرام جي ٻئي سيمسٽر 2023ع جا امتحان 5 جون کان 15 جون 2024ع تائين ورتا ويندا، جڏهن ته رهجي ويل پرچا عيدالاضحيٰ کان پوءِ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پڌرائيءَ موجب امتحانن جو تفصيلي شيڊيول لاڳاپيل ڪاليجن کي موڪليو ويو آهي، شاگرد پنھنجن لاڳاپيل ڪاليجن مان ٽائيم ٽيبل حاصل ڪري سگھن ٿا.