سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2024ع تحت ايم فل جي 34 ۽ پي ايڇ ڊي جي 28 شعبن ۾ داخلائن لاءِ انٽري ٽيسٽ سڀاڻي (12 جون) ٿيندي، مجموعي طور 918 اميدوار شرڪت ڪندا،

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2024ع تحت ايم فل جي 34 ۽ پي ايڇ ڊي جي 28 شعبن ۾ داخلائن لاءِ مجموعي طور 918 اميدوارن کان انٽري ٽيسٽ سڀاڻي 12 جون تي ورتي ويندي. سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو ٽيسٽ لاءِ 4 امتحاني مرڪز قائم ڪرڻ سميت سمورا انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2024ع تحت ايم فل جي 34 شعبن ۾ داخلائن لاءِ 784 ۽ پي ايڇ ڊي جي 28 شعبن ۾ داخلائن لاءِ 134 اميدوار سڀاڻي انٽري ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪري پنهنجي قسمت آزمائيندا. هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي جنرل پاليسي تحت هن ڀيري سنڌ يونيورسٽي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي شعبن ۾ داخلائن لاءِ پاڻ پري انٽري ٽيسٽ وٺي رهي آهي. سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو ان سلسلي ۾ ٻڌايو ته ڊيٽا سائنس، اليڪٽرانڪس، سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن انجنيئرنگ ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي داخلائن لاءِ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ امتحاني مرڪز قائم ڪيو ويو آهي. انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي خواهشمندن لاءِ امتحاني سينٽر انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر ۾ قائم ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته بزنس ايڊمنسٽريشن، ڪامرس، فارميسي، باٽني ۽ زولاجي ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ۾ داخلائن لاءِ انٽري ٽيسٽ انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ ۾ منعقد ڪئي ويندي، جڏهن ته سوشل سائنسز جي سمورن شعبن، ايجوڪيشن، اسلامڪ ڪلچر ۽ نيچرل سائنس (زولاجي ۽ باٽني کان سواءِ) جي شعبن ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ انسٽيٽيوٽ آف مئٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس ۾ منعقد ٿيندي. هن واضح ڪيو ته گيٽ سبجيڪٽ پاس پي ايڇ ڊي اميدوار انٽري ٽيسٽ ۾ ويهڻ کان آجا هوندا، جڏهن ته ٽيسٽ صبح جو ساڍي 9 وڳي شروع ٿيندي. ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو موجب ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي سوالنامن ۾ 50 سيڪڙو لاڳاپيل سبجيڪٽ جا سوال هوندا، 20 سيڪڙو جنرل انگريزي، 15 سيڪڙو ڪواليٽيٽو ريزننگ ۽ 15 سيڪڙو ايناليٽيڪل ريزننگ جا سوال شامل هوندا. هن ٻڌايو ته ايم فل ۾ داخلائن لاءِ پاسنگ اسڪور 100 مان 50 سيڪڙو ۽ پي ايڇ ڊي ۾ داخلائن لاءِ پاسنگ اسڪور 60 سيڪڙو مقرر ڪيل آهن. اميدوارن جي سهولت لاءِ سوالنامن بابت ماڊل پيپر يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ sutc.usindh.edu.pk تي اڳ ئي جاري ڪيا ويا آهن.