سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ مختلف ڊگري پروگرامز جي امتحانن لاءِ آن لائين فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 15 جولاءِ تائين واڌ جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سالياني امتحانن واري شاهد حسين لاڙڪ پنهنجي هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ مختلف ڊگري پروگرامز جي امتحانن لاءِ آن لائين فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 15 جولاءِ تائين واڌ ڪئي ويئي آهي. پڌرائيءَ موجب اي ڊي آرٽس (ريگيولر ۽ ايڪسٽرنل)، اي ڊي سائنس ۽ اي ڊي ڪامرس (ريگيولر) حصو پهريون سالياني امتحان 2023ع جا اميدوار 15 جولاءِ 2024ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي آفيشل ويب سائيٽ annual.usindh.edu.pk تي بنا ڪنهن ليٽ فيءَ جي پنهنجا آن لائين امتحاني فارم ڀري سگهن ٿا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 07/01/2024
Announcements
1024 x 768
جامعہ سندھ کے انسٹیٹیوٹ آف کامرس اینڈ مینجمنٹ میں...
View Details → 05/19/2026
1024 x 768
SU's ICM concludes first semester examinations successfully
View Details → 05/19/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مينيجمي...
View Details → 05/19/2026