سنڌ يونيورسٽي پاران مائيڪرو بايولاجي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ پي سي ايس آءِ آر ڪراچي جو مطالعاتي دورو، سائنسدانن پاران کين تحقيق تي ڌيان ڏيڻ جي صلاح

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف مائيڪرو بايولاجي پاران پنهنجي آخري سال جي بي ايس شاگردن لاءِ پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽيفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ (پي سي ايس آءِ آر) ڪراچي جو هڪ تعليمي مطالعاتي دورو ڪرايو ويو، جنھن جي اڳواڻي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالنبي ميرجت ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر نظير احمد بروهي جي ڪئي. مطالعاتي دوري جو مقصد مائڪروبالاجي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي قومي سطح جي هڪ اهم ريسرچ اداري ۾ جديد مائيڪرو بايولاجي تحقيق جي عملي تجربن سان روشناس ڪرائڻ هو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر نظير احمد بروهي ٻڌايو ته ڄاڻايل مطالعاتي دوري جو بنيادي مقصد شاگردن کي مائيڪرو بايولاجي جي عملي استعمال کان آگاهه ڪرڻ هو، خاص طور خوراڪ جي شين جي مائڪروبيئل تجزيو، دوائن جي پيداوار ۾ تحقيق، سيل ۽ ٽشيو ڪلچر، بائيو ٽيڪنالاجي ۽ مختلف آر اينڊ ڊي سرگرمين بابت ڄاڻ فراھم ڪرڻ ھو ته جيئن عملي زندگيءَ ۾ کين ڪا تڪليف نه ٿئي ۽ ھو اڳ ئي ھر شيءِ کان واقف ھجن. ھن چيو ته ڄاڻايل دوري دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ليباريٽري جي اهم پهلوئن، جهڙوڪ آءِ ايس او جي معيار، ليبارٽري جي منظوري، تصديق ۽ سرٽيفڪيشن جي عمل بابت اھم ڄاڻ ملي. ھوڏانھن سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پي سي ايس آءِ آر جي سينيئر سائنسدانن ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري ۽ ڊاڪٽر محمد نسيم خان طرفان زبردست حوصلا افزائي ملي، جن کين تحقيق ۾ سرگرم شموليت جي صلاح ڏني ته جيئن هو پاڪستان ۾ سائنسي جدت ۽ علمي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/09/2024
Announcements
1024 x 768
امن، رواداری اور ثقافتی ہم آہنگی کو فروغ دینے میں ...
View Details → 10/01/2026
1024 x 768
Art and music play a vital role in promoting peace, tolerance and cultural harmony, says D...
View Details → 10/01/2026
1024 x 768
امن، رواداري ۽ ثقافتي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ آرٽ ۽ م...
View Details → 10/01/2026