سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي نجي ڪاليجن ۾ سيمسٽر جا امتحان 18 فيبروريءَ کان منعقد ڪرڻ جو اعلان، تفصيلي شيڊيول جلد جاري ڪيو ويندو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي نجي ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس ۾ سيمسٽر جي امتحانن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڪنٽرولر ڄاڻايو آهي ته چار سالا بي بي اي (آنرز) حصو پهريون، ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون (ريگيولر ۽ فيلوئر)، ايم بي اي (ايوننگ) سال پهريون سيمسٽر ٽيون (صرف فيلوئر) ۽ ايم بي اي (ايوننگ) سال ٻيو سيمسٽر ڇهون (ريگيولر ۽ فيلوئر) جا امتحان 18 فيبروري 2025ع کان ورتا ويندا، ڪنٽرولر موجب امتحانن جو تفصيلي شيڊيول جلد از جلد جاري ڪيو ويندو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 01/24/2025
Announcements
1024 x 768
Academics call for responsible social media use to protect human rights
View Details → 03/11/2026
1024 x 768
SU constitutes committee to strengthen alumni outreach
View Details → 03/11/2026
1024 x 768
تعلمي ماهرن پاران انساني حقن جي تحفظ لاءِ سوشل مي...
View Details → 03/11/2026