سنڌ يونيورسٽي پاران لاڳاپيل سرڪاري ۽ نجي لا ڪاليجن ۾ 5 سالا ايل ايل بي (آنرز) پروگرام جي سيمسٽر امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊيول جاري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري ۽ نجي لا ڪاليجن ۾ پنج سالا  ايل ايل بي (آنرز) پروگرام جا سيمسٽر امتحان جلد منعقد ڪيا ويا. پڌرائيءَ ۾ ڪنٽرولر وڌيڪ ڄاڻايو ته 5 سالا ايل ايل بي (آنرز) پروگرام حصو پهريون (2024ع بئچ-سيمسٽر ٻيو)، حصو ٻيو (2023ع بئچ – سيمسٽر چوٿون)، حصو ٽيون (2022ع بئچ – سيمسٽر ڇهون)، حصو چوٿون (2021ع بئچ – سيمسٽر اٺون) ۽ حصو پنجون (2020ع بئچ – سيمسٽر ڏهون) جا امتحاني فارم بنا ليٽ فيءَ جي جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 2 اپريل 2025ع مقرر ڪئي ويئي آهي، جڏهن ته 3 کان 7 اپريل 2025ع تائين 5000 رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ فيس جمع ڪرائي سگهجي ٿي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 03/10/2025
Announcements
1024 x 768
Well-known historian highlights legacy of Shaheed Allah Bux Soomro at Sindh University
View Details → 12/02/2025
1024 x 768
SU's anthropology students showcase Sindhi music heritage through poster art exhibition
View Details → 11/28/2025
1024 x 768
Mock viva voce held for final-year students at SU Laar Campus
View Details → 11/28/2025