سنڌ يونيورسٽي پاران لاڳاپيل ڪاليجن ۾ سڀاڻي کان رٿيل سيمسٽر امتحان ملتوي

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي اعلان ڪيو آهي ته لاڳاپيل ڪاليجن ۾ سڀاڻي 22 اپريل 2025ع کان شروع ٿيندڙ سيمسٽر امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن. ڄاڻايل فيصلو روڊن ۽ هاءِ ويز جي موجوده صورتحال ۽ شاگردن جي والدين طرفان موصول ٿيندڙ اپيلن کي نظر ۾ رکي ڪيو ويو. ڪنٽرولر ٻڌايو ته ملتوي ڪيل امتحانن جي نئين تاريخ ۽ شيڊيول جو اعلان صورتحال جي سڌرڻ کان پوءِ ڪيو ويندو. ڪنٽرولر چيو ته اهو قدم شاگردن، سندن والدين ۽ امتحاني عملي جي تحفظ ۽ ڀلائي جي خاطري لاءِ کنيو ويو آهي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 04/22/2025
Announcements
1024 x 768
Sindh Blockchain Skills Development Initiative
View Details → 06/05/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ اي ڊي آرٽس، ...
View Details → 06/04/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران انٽرنشپ ۽ معذور شاگردن لاءِ و...
View Details → 06/04/2026