سنڌ يونيورسٽي پاران لاڳاپيل ڪاليجن ۾ سڀاڻي کان رٿيل سيمسٽر امتحان ملتوي

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي اعلان ڪيو آهي ته لاڳاپيل ڪاليجن ۾ سڀاڻي 22 اپريل 2025ع کان شروع ٿيندڙ سيمسٽر امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن. ڄاڻايل فيصلو روڊن ۽ هاءِ ويز جي موجوده صورتحال ۽ شاگردن جي والدين طرفان موصول ٿيندڙ اپيلن کي نظر ۾ رکي ڪيو ويو. ڪنٽرولر ٻڌايو ته ملتوي ڪيل امتحانن جي نئين تاريخ ۽ شيڊيول جو اعلان صورتحال جي سڌرڻ کان پوءِ ڪيو ويندو. ڪنٽرولر چيو ته اهو قدم شاگردن، سندن والدين ۽ امتحاني عملي جي تحفظ ۽ ڀلائي جي خاطري لاءِ کنيو ويو آهي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 04/22/2025
Announcements
1024 x 768
Well-known historian highlights legacy of Shaheed Allah Bux Soomro at Sindh University
View Details → 12/02/2025
1024 x 768
SU's anthropology students showcase Sindhi music heritage through poster art exhibition
View Details → 11/28/2025
1024 x 768
Mock viva voce held for final-year students at SU Laar Campus
View Details → 11/28/2025