علم ۽ شعور جو مرڪز سنڌ يونيورسٽي: 10 هزار کان وڌيڪ اميدوارن پري انٽري ٽيسٽ ڏني، والدين طرفان بهترين انتظامن جي واکاڻ سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جي مختلف ڪئمپسز ۾ ٻئي مرحلي ۾ ٽوٽل 10807 اميدوارن ٽيسٽ ۾ حصو ورتو، جن ۾ 7562 ميل ۽ 3245 فيميل اميدوار شامل هئا

علم ۽ شعور جي مرڪز سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۽ سندس 4 ڪئمپسز  ٺٽو ڪئمپس، لاڙ ڪئمپس بدين، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪئمپس دادو ۽ سيد الهندو شاهه ڪئمپس نوشهرو فيروز  ۾ نئين تعليمي سال 2027ع تحت بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلا لاءِ  پري انٽري ٽيسٽ جو ٻيو مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويو. ٻئي مرحلي ۾ ٽوٽل 10807 ميل ۽ فيميل اميدوارن ٽيسٽ ڏني. مين ڪئمپس ڄامشوري سميت سمورن ڪئمپسز ۾ سيڪيورٽي جي سخت انتظامن سان گڏ اميدوارن ۽ ساڻن گڏ آيل والدين جي سهولت ۽ رهنمائي جا سمورا بندوبست ڪيا ويا هئا. سمورن ڪئمپسز ۾ هڪ ئي وقت ٽيسٽ صبح جو 10:00 وڳي شروع ٿي ۽ 90 منٽ جاري رهي 11:30 تي مڪمل ٿي.  انٽري ٽيسٽ جي موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊزائين ۾ پريس بريفنگ جو انتظام ڪيو ويو هو، جتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ميڊيا کي انٽري ٽيسٽ بابت تفصيل ٻڌايا ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر چيو ته سنڌ يونيورسٽي وٽ پنهنجو ٽيسٽنگ سينٽر آهي، جنهن ذريعي هر سال ٻن مرحلن ۾ هزارين اميدوارن کان ٽيسٽ وٺي، ساڳئي ڏينهن تي نتيجا پڌرا ڪيا وڃن ٿا. هي ٽيسٽنگ سينٽر معيار، شفافيت توڙي مڪمل رازداري جي حوالي سان هڪ مثال آهي، جنهن طرفان هن وقت تائين ورتل ٽيسٽن دوران ڪڏهن به پيپر ليڪ نه ٿيو آهي. وائيس چانسلر چيو ته سنڌ يونيورسٽي مڪمل ميرٽ تي داخلائون ڏئي ٿي، جنهن ۾ سفارش يا ناانصافي جي ڪابه گنجائش ناهي. هن ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن ۽ سندن والدين کي صلاح ڏني ته اهي مطمئن ٿي ميرٽ لسٽن جو انتظار ڪن ۽ داخلا جي حوالي سان ڪنهن به غلط افواهه تي ڌيان نه ڏين ۽ ڪنهن جي به ڪوڙي آسري تي نه لڳن، يونيورسٽي ۾ داخلا ڏيارڻ جي ڪنهن جي به وس ۾ ناهي، جيڪڏھن ڪير اهڙي دعويٰ ڪري ٿو اهو سئو سيڪڙو ڪوڙ ڳالهائي ٿو. هن چيو ته داخلا وارو سمورو سسٽم ڪمپيوٽرائيزڊ آهي، جنهن جي جيڪا به ميرٽ بيهندي سسٽم پاڻمرادو ان مطابق ميرٽ لسٽ تيار ڪندو، ان لاءِ ڪنهن کي به چوڻ يا پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي. وائيس چانسلر انٽري ٽيسٽ جي ٻئي مرحلي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ٻئي مرحلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جي مختلف ڪئمپسز ۾ ٽوٽل 10807 ميل ۽ فيميل اميدوار حصو وٺي رهيا آهن، جن ۾ 7562 ميل ۽ 3245 فيميل اميدوار شامل آهن. انهن  ۾ مين ڪئمپس ڄامشوري ۾ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جو ٽوٽل تعداد 9773 آهي ، باقي اميدوار ڪئمپسز ۾ ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن. وائيس چانسلر چيو ته ٻنهي ٽيسٽن ۾ شامل اميدوارن سميت بي ايس ٽئين سال ۽ ماسٽرس پروگرامن ۾ داخلا لاءِ اپلاءِ ڪندڙ ميل ۽ فيميل اميدوارن  جو ٽوٽل تعداد 22580 آهي . هن چيو ته 22580 اميدوارن طرفان داخلا لاءِ ٽيسٽ واري عمل ۾ شامل ٿيڻ سندن يونيورسٽي تي اعتماد جو ثبوت آهي. وائيس چانسلر چيو ته جيڪي ٻار پهرين مرحلي ۾ ڪنهن به سبب جي ڪري ٽيسٽ ڏيڻ کان رهجي ويا هئا، ٻئي مرحلي ۾ انهن کي به موقعو ڏنو ويو آهي ۽ انهن لاءِ الڳ بلاڪ قائم ڪيا ويا آهن، جتي 100 کان وڌيڪ ميل ۽ فيميل اميدوار ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن. وائيس چانسلر چيو ته سنڌ يونيورسٽي ملڪ جي ٻيو نمبر قديم يونيورسٽي آهي، جنهن جو تعليمي معيار شاندار ۽ ان جي ڊگري جي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ وڏي اهميت آهي، يونيورسٽي جا سمورا شعبا اهم آهن، اميدوارن کي سندن ڏنل چوائسز مان جنهن به شعبي ۾ داخلا ملي اهي ان موقعي کي نه وڃائين  ۽ سخت محنت ذريعي پنهنجي قابليت کي مڃرائي، پنهنجو مستقبل سنوارين. وائيس چانسلر داخلا لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن کي ڀليڪار چيو ۽ سندن ڪاميابي لاءِ پنهنجي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. وائيس چانسلر پريس بريفنگ ۾ شريڪ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي سمورن صحافين جي شرڪت جي مهرباني مڃي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهي يونيورسٽي جو پازيٽو اميج وڌائڻ ۾ هميشه جيان پنهنجو سهڪار جاري رکندا. ان موقعي تي وائيس چانسلر صحافين جي مختلف سوالن جا جواب پڻ ڏنا. پريس بريفنگ جي موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جو رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، ڊائريڪٽر ايڊميشنز ڊاڪٽر اياز ڪيريو،  پري انٽري ٽيسٽ ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جي ڪنوينر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، فئڪلٽي آف فارميسي جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي گهوٽو، بوائز هاسٽلز جو پرووسٽ ڊاڪٽر پنهل خان لاشاري، انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊزائين جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سعيد احمد منگي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. پريس بريفنگ بعد وائيس چانسلر  مختلف فئڪلٽيز جي ڊينز سان گڏ گرلز ۽ بوائز جي ڌار ڌار قائم ڪيل مختلف بلاڪس جو دورو ڪيو ۽ هلندڙ ٽيسٽ عمل جو جائزو ورتو ۽ ٽيسٽ جي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.  وائيس چانسلر ٽيسٽ جي موقعي تي اميدوارن جي والدين لاءِ قائم ڪيل انتظارگاهه جي پنڊال ۾ پهچي والدين سان پڻ مليو ۽ کانئن خيرعافيت معلوم ڪئي. انتظار گاهه ۾ ويٺل والدين وائيس چانسلر جي خلوص جي مهرباني مڃي، يونيورسٽي جي تعليمي معيار جي بهتري لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو ۽ ٽيسٽ جي انتظامن جي ساراهه ڪئي انٽري ٽيسٽ جي ٻئي مرحلي ۾ بدين، حيدرآباد، ڄامشوري، ميرپورخاص، سجاول، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، ٿرپارڪر، ٺٽي ۽ عمرڪوٽ ضلعن جي اميدوارن ٽيسٽ ڏني. انٽري ٽيسٽ جي موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ شعبي طرفان حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري سميت ويجهن علائقن مان اميدوارن کي ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪئي ويئي هئي، انٽري ٽيسٽ دوران ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي داخل ٿيڻ جا ڌار ڌار رستا مقرر ڪيا ويا هئا، جتي 200 کان وڌيڪ والنٽيئرز جي ٽيم اميدوارن جي رهنمائي لاءِ موجود هئي. ان موقعي تي يونيورسٽي جي مني هاسپيٽل طرفان ڊاڪٽر اربيلا آغا جي نگراني ۾ مختلف جاين تي طبي ڪئمپون قائم ڪيون ويون هيون، جتي قابل ڊاڪٽرن جي ٽيم، هنگامي طبي امداد جي ضروري دوائن سان گڏ ايمبولنسون پڻ موجود هيون. ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف ڪئمپسز ۾ ٿيل انٽري ٽيسٽ اتان جي پرو وائيس چانسلرز جي نگراني ۾ ٿي. ٺٽي ڪئمپس ۾ ٿيل ٽيسٽ پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي، دادو ڪئمپس ۾ ٿيل ٽيسٽ پروفيسر ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، لاڙ ڪئمپس بدين ۾ ٿيل ٽيسٽ ڪئمپس جي ڪو آرڊينيٽر پروفيسر ڊاڪٽر طفيل احمد چانڊيو جڏهن ته نوشهروفيروز ڪئمپس ۾ ٿيل ٽيسٽ سنڌ يونيورسٽي مين ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه جي نگرانيءَ ۾ منعقد ٿي. سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طرفان انٽري ٽيسٽ جي ٻنهي مرحلن جي ڪاميابي تي پرو وائيس چانسلرز، ڊينز،  ڪنوينرن جي ٽيم سميت سمورن فئڪلٽي ميمبرن، آفيسرن ۽ ملازمن کي مبارڪون ڏنيون ويون آهن.

 

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/11/2026
Announcements
1024 x 768
علم ۽ شعور جو مرڪز سنڌ يونيورسٽي: 10 هزار کان وڌيڪ ا...
View Details → 10/11/2026
1024 x 768
علم و شعور کا مرکز سندھ یونیورسٹی، 10 ہزار سے زائد Ø...
View Details → 10/11/2026
1024 x 768
10,807 Candidates Appear in University of Sindh’s Second-Phase Pre-Entry Test
View Details → 10/11/2026