سنڌ يونيورسٽي ۾ خوراڪ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، انسٽيٽيوٽ آف انگلش لئنگويج اينڊ لٽريچر جي شاگردن طرفان مختلف اسٽال قائم، وائيس چانسلر طرفان مهمان خاص طور شرڪت

سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف انگلش لئنگويج اينڊ لٽريچر طرفان خوراڪ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو.جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) خصوصي مهمان طور شرڪت ڪئي  ۽  انسٽيٽيوٽ جي مختلف شعبن جي شاگردن طرفان قائم ڪيل مختلف کاڌن ۽ شربتن جي اسٽالن  گڏ خوراڪ ۽ ماحوليات جي موضوع تي  ٺاهيل پروجيڪٽس جو جائزو ورتو ۽ شاگردن کان انهن جي باري ۾ بريفنگ ورتي ۽ سندن محنت کي ساراهيو. وائيس چانسلر ان موقعي تي ٻوٽو پڻ پوکيو ۽  انسٽيٽيوٽ جي شاگردن طرفان وڻن جي خوبصورتي ۽ اهميت کي نمايان ڪرڻ واري مقصد تحت مختلف رنگن ۽ اسٽيڪرس سان سينگاريل ٻوٽن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ شاگردن جي ٻوٽن سان پيار واري جذبي جي تعريف ڪئي. ان موقعي تي ويچار ونڊيندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مري چيو ته خوراڪ انسانن سان گڏ هر ساهواري جي بنيادي ضرورتن ۾ شامل آهي، صحتمند ۽ متوازن خوراڪ انساني صحت، نشونما ۽ معاشرتي ترقي جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿي. هن چيو ته پوري دنيا اندر لاتعداد ماڻهو غذائي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن،  خوراڪ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد صحتمند خوراڪ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ، ان جي کوٽ  جي نشاندهي ڪري، ان جو گڏجي حل ڪڍڻ ۽ ان تائين هر ماڻهو جي رسائي کي يقيني بنائڻ آهي. وائيس چانسلر چيو ته پاڪستان زرعي ملڪ آهي، جتي وڏي مقدار ۾ مختلف قسمن جو اناج ۽ ڀاڄيون پيدا ٿين ٿيون، هتي پيداوار ۾ اضافي ۽ اناج جي قلت جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي، سائنسي تحقيق ، پاڻي جي موثر استعمال۽ پائيدار زرعي طريقن کي فروغ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.هن چيو ته موسمياتي تبديلي اڄ جو وڏو چئلينج آهي، جنهن لاءِ  گهڻ رخا اپاءُ وٺڻ سان گڏ وڌ ۾ وڌ آگاهي ڦهلائڻ جي گهرج آهي ۽ ان حوالي سان يونيورسٽين جو اهم ڪردار آهي، جتي هن قسم جي پروگرامن ذريعي  هن معاملي کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو. وائيس چانسلر چيو ته انسٽيٽيوٽ جي شاگردن طرفان خوراڪ ۽ ماحوليات جي حوالي سان قائم ڪيل اسٽال ۽ تيار ڪيل پروجيڪٽس ڏسي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، ڇولن، فروٽ چاٽ ۽ ليمي پاڻي جا اسٽال صحتمند خوراڪ جو پيغام ڏيندڙ هئا.ٻوٽن کي خوبصورت نموني سينگاري وڌ ۾ وڌ ٻوٽا پوکڻ ۽ انهن جو سٺي نموني خيال رکڻ جو پيغام ڏنو ويو. وائيس چانسلر چيو ته شاگردن  کي هن قسم جا وڌ ۾ وڌ موقعا مهيا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سندن خوداعتمادي وڌڻ سان گڏ سندن اسڪلرز ۾ به اضافو ٿي سگهي. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طارق عمراڻي وائيس چانسلر کي ڀليڪار چيو ۽ سندس آمد جي مهرباني مڃي. هن پروگرام جي سپروائيزر انسٽيٽيوٽ جي ايسوسئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر ثمينه عباسي هئي، جڏهن ته شاگردن جي آرگنائيزنگ ٽيم ۾ مجتبيٰ حسين ڀٽي، محمد عادل ڏاهري، مطلوب احمد ميمڻ ۽ ٻيا شامل هئا. ان پروگرام ۾ انسٽيٽيوٽ جي استادن  ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/15/2026
Announcements
1024 x 768
University of Sindh Celebrates World Food Day; VC Appreciates Students’ Food and Environ...
View Details → 10/15/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں خوراک کا عالمی دن منایا گیا، انسٹیÙ...
View Details → 10/15/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ خوراڪ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، Ø...
View Details → 10/15/2026