سنڌ يونيورسٽي فرانسيسي ٻولي سيکارڻ جو پروگرام شروع ڪري ڇڏيو، وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري افتتاح ڪيو
سنڌ يونيورسٽي طرفان تازو چيني ٻولي سيکارڻ جو پروگرام شروع ڪرڻ بعد فرانسيسي ٻولي سيکارڻ جو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. يونيورسٽي جي بيورو آف ٽرانسليشن، ڪمپائليشن، پبليڪيشن اينڊ انفارميشن سروس اينڊ اسٽيٽسڪس طرفان ڇهن مهينن جي ڪورس تي مشتمل هن پروگرام جي ڪلاسن جي شروعات ٿي وئي آهي، جنهن جو افتتاح سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪيو. ان موقعي تي پنهنجا ويچار ونڊيندي وائيس چانسلر چيو ته فرانسيسي ٻولي جي عالمي سطح تي وڏي اهميت آهي، هن ٻولي کي انگريزي کان پوءِ ٻيو نمبر گهڻي ڳالهائي ويندڙ ٻولي سمجهيو وڃي ٿو. دنيا جي 40 کان وڌيڪ ملڪن جي هي سرڪاري ٻولي آهي، يونيسڪو ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل جي فنڪشنل ٻولين ۾ فرانسيسي ٻولي پڻ شامل آهي، جنهن مان هن جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن چيو ته هي ٻولي سکڻ سان عالمي سطح تي تعليم، تحقيق، روزگار، ڪاروبار، سفارت ڪاري سميت کوڙ سارا موقعا ماڻي سگهجن ٿا. هن چيو ته گهڻيون ٻوليون اچڻ اضافي قابليت آهي، جنهن جا ڪافي فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا. ڪابه ٻولي سکڻ سان ان جي ثفافت کي سمجهڻ جو به موقعو ملي ٿو. سندس ڪوشش آهي ته يونيورسٽي ۾ عالمي سطح تي اهميت رکندڙ مختلف ٻوليون سيکارڻ جا پروگرام شروع ڪجن ته جيئن فئڪلٽي ميمبرن سميت شاگرد پنهنجي ڪيريئر جي حوالي سان ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن، ان سلسلي ۾ تازو ايريا اسٽڊي سينٽر فار ايسٽ اينڊ سائوٿ ايسٽ ايشيا ۾ چيني ٻولي سيکارڻ جو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 40 کان وڌيڪ شاگرد داخل ٿيا آهن، هن چيو ته جلد جرمن ٻولي سيکارڻ جو پروگرام پڻ شروع ڪيو ويندو.هن چيو ته بيورو آف ٽرانسليشن جي پليٽ فارم تان نه رڳو مختلف ٻوليون سيکارڻ جا پروگرام شروع ڪيا ويندا پر مختلف ٻولين ۾ لکيل انتهائي اهم ڪتاب ترجمو ڪري ڇپرايا پڻ ويندا. هن بيورو آف ٽرانسليشن، ڪمپائليشن، پبليڪيشن اينڊ انفارميشن سروس اينڊ اسٽيٽسڪس جي ڪنسلٽنٽ ۽ فرانسيسي ٻولي سيکاريندڙ ڊاڪٽر شفقت قادري جي ڪوششن کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته فرانسيسي ٻولي سکيا پروگرام مان وڌ ۾ وڌ فئڪلٽي ميمبر ۽ شاگرد فائدو حاصل ڪندا. ان موقعي تي پنهنجا ويچار ونڊيندي ڊاڪٽر شفقت حسين قادري چيو ته فرانسيسي ٻولي جي تمام گهڻي اهميت آهي، هن ٻولي ۾ مهارت عالمي سطح جي ادارن ۾ مختلف موقعن ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. هن ٻڌايو ته يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف انگلش لئنگويج اينڊ لٽريچر ۾ شروع ڪيل هن پروگرام جي پهرين مرحلي ۾ يونيورسٽي جي 20 فئڪلٽي ميمبرن کي شامل ڪيو ويو آهي، ان بعد هن جو دائرو وڌائي شاگردن کي پڻ فرانسيسي ٻولي سکڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته ڇهن مهينن جي هن ڪورس جي تمام معمولي فيس يعني هڪ هزار روپيا مهينو رکي وئي آهي ، جيڪا ڇهن مهينن جي ڇهه هزار رپيا ٿئي ٿي. هن چيو ته فئڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن لاءِ هي بهترين موقعو آهي،جنهن مان کين وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي ٻولي سکڻ جي پروگرام ۾ شامل فئڪلٽي ميمبرن سان گڏ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لئنگويج اينڊ لٽريچر جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طارق عمراڻي، استاد ڊاڪٽر عبدالفتاح سومرو، ڊاڪٽر ثناءُ الله انصاري، ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو، ڊاڪٽر عبدالحميد پنهور ۽ ڊاڪٽر وسيم احمد ملڪ پڻ موجود هئا.