سنڌ يونيورسٽي جي نفسيات شعبي طرفان ذهني صحت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، ڪيمپ منعقد، وائيس چانسلر خصوصي مهمان طور شريڪ ٿي ڪئمپ جو افتتاح ۽ شاگردن جي پروجيڪٽس جو معائنو ڪيو

سنڌ يونيورسٽي جي نفسيات شعبي طرفان ذهني صحت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان موقعي تي شعبي طرفان “ماڻهن جي ڳالهه ٻڌو، انهن جا تجربا سمجهو ۽ مثبت تبديلي آڻيو” جي موضوع تي ڪئمپ منعقد ڪئي وئي . سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري خصوصي مهمان طور شريڪ ٿي ڪئمپ جو افتتاح ڪيو ۽ شعبي جي شاگردن طرفان ذهني صحت جي موضوع تي تيار ڪيل پوسٽر ۽ وڊيو پروجيڪٽس جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي شاگردن وائيس چانسلر کي پنهنجي پروجيڪٽس بابت پريزنٽيشن ڏني، جنهن جي هن تعريف ڪندي شاگردن جي ڪوششن کي ساراهيو. شاگردن طرفان پنهنجي پروجيڪٽس ۾ رابطي جي اهميت، پاڻ کي اڪيلو رکڻ جي نقصانن،  موڊ ۾ ايندڙ تبديلين، ذهني دٻاءُ، بيچيني، ننڊ ۽ بک جي مسئلن، ان جي صحت تي اثرن، اجايو پريشان ٿيڻ کان بچڻ، والدين جي مالي مسئلن، سندن ذهني پريشانين جي سببن، خاندان کي جوڙڻ، اعتماد کي مظبوط بڻائڻ، صحتمند سوچ کي هٿي ڏيڻ سميت ذهني صحت سان لاڳاپيل ۽ ان تي اثر انداز ٿيندڙ مختلف معاملن کي فوڪس ڪيو ويو هو. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته صحتمند معاشري جي جوڙجڪ لاءِ جسماني صحت سان گڏ ذهني صحت جي به وڏي اهميت آهي. هن چيو ته پوري دنيا ۾ ذهني صحت جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ان حوالي سان شعور اجاڳر ڪرڻ آهي ته جيئن ماڻهو ذهني صحت سان لاڳاپيل مسئلن ۽ مونجهارن کي سمجهي سگهن، انهن جو حل ڪڍي سگهن ۽ هڪٻئي جي مدد ڪري سگهن. هن چيو ته يونيورسٽين جو ڪم رڳو معياري تعليم فراهم ڪرڻ ناهي پر هن قسم جي سرگرمين ذريعي شاگردن جي ذهني، جذباتي ۽ سماجي نشونما لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ به آهي. هن چيو ته شاگردن جي تعليمي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن کي ذهني دٻاءُ سان نبرڻ، مثبت سوچ اختيار ڪرڻ ۽ پرسڪون رهڻ لاءِ رهنمائي مهيا ڪئي وڃي. وائيس چانسلر چيو ته زندگي ۾ مختلف اوچتا حادثا، زندگي سان لاڳاپيل مختلف مسئلا ذهن تي اثر انداز ٿين ٿا، جيڪا فطري ڳالهه آهي پر صبر، همت ، ڪوشش ۽ بهتر رهنمائي ۽ حوصلا افزائي سان انهن جي شدت جي اثرن کي گهٽائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ذهني صحت جي حوالي سان معاشرتي غلط فهمين ۽ منفي روين جو خاتمو ضروري آهي ته جيئن متاثر ٿيل ماڻهو پاڻ کي اڪيلو محسوس نه ڪن ۽ گهٻراهٽ جو شڪار نه ٿين. هن چيو ته نفسيات شعبو يونيورسٽي جو انتهائي اهم شعبو آهي، جيڪو ذهني صحت جي حوالي سان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن بهترين پروگرام منعقد ڪرڻ تي شعبي جي چيئرپرسن ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي نفسيات شعبي جي  چيئرپرسن ڊاڪٽر منزه ملڪ وائيس چانسلر جي شرڪت، رهنمائي ۽ همت افزائي  جي مهرباني مڃيندي پروگرام جي مقصدن تي روشني وڌي. تقريب ۾ سوشل سائنسز فئڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام، سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي ۽ شعبي جي استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/21/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ نامياري ليکڪه پروفيسر خير النساء ...
View Details → 10/21/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي نفسيات شعبي طرفان ذهني صحت جو عاÙ...
View Details → 10/21/2026
1024 x 768
سندھ یونیورسٹی میں نامور ادیبہ پروفیسر خیرالنساء...
View Details → 10/21/2026