وائيس چانسلر جي هدايتن تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سفري سهولتن لاءِ پوائنٽ بسن جي شيڊول جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي هدايت تي بوائز هاسٽلن ۽ رهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سفري سهولتن لاءِ مختلف وقتن تي پوائنٽ بسون هلائڻ جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي. انچارج ٽرانسپورٽ ميهر علي قاضي پاران جاري ڪيل سرڪيولر موجب صبح جو اٺين کان نائين وڳي تائين 5 پوائنٽ بسون مارئي گرلس هاسٽل کان ڪئمپس لاءِ هلايون وينديون، جنهن ۾ شاگردياڻيون سوار ٿي پنهنجن ڊپارٽمينٽس ۾ پهچي سگهن ٿيون. اهڙيءَ طرح منجهد 12 کان 2 وڳي تائين ساڳيون بسون وقفي وقفي سان سينٽرل لائبرري کان مارئي گرلس هاسٽل طرف هلنديون، جن ۾ شاگردياڻيون سوار ٿي واپس هاسٽل پهچي سگهنديون. سرڪيولر موجب صبح جو ساڍي اٺين وڳي ٻه پوائنٽ بسون سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز سوسائٽي کان شاگردياڻين لاءِ هلايون وينديون، جيڪي منجهند جو ٻي وڳي ڪئمپس کان واپس سوسائٽي اسهنديون. سرڪيولر موجب ٻه پوائنٽ بسون هر ڇنڇر تي تقريبن صبح جو يارهين وڳي ۽ شام جو 4 وڳي شاگردياڻين کي شاپنگ وغيره لاءِ کڻي حيدرآباد وينديون ۽ واپس اينديون. سرڪيولر موجب هڪ شٽل پوائنٽ شام جو ستين وڳي بوائز هاستلن کان ڦاٽڪ لاءِ هلائي ويندي، جيڪا رات جو ڏهين وڳي واپس ايندي. سرڪيولر موجب هڪ پوائنٽ بس 1:40 تي بوائز ۽ مارئي هاسٽلن کان فارميسي فئڪلٽي لاءِ پڻ هلائي ويندي ته جيئن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سفري سهولتون فراهم ڪري سگهجن.