سنڌ يونيورسٽيءَ جي نيچرل سائنسز فئڪلٽي پاران برساتن دوران تعليمي سرگرميون معطل هئڻ سبب ملتوي ڪيل ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي سيمينارن جو اعلان، مجموعي طور 68 اسڪالر 26 سيپٽمبر کان 13 آڪٽوبر تائين پنهنجا سيمينار ڏيند

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ موسمي برساتن دوران يونيورسٽيءَ ۾ ٽعليمي سرگرميون معطل هئڻ سبب ملتوي ڪيل ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي سيمينارن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڊين پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ ڄاڻايو ته نيچرل سائنسز فئڪلٽيءَ جي مختلف شعبن جي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي (پوسٽ گريجوئيٽ ريسرچ) جا سيمينار 26 سيپٽمبر 2022ع کان شروع ٿيندا، جيڪي 12 آڪٽوبر 2022ع تائين جاري رهندا. هن وڌيڪ ڄاڻايو ته سمورا سيمينار ڊين آفيس جي وڊيو ڪانفرنس روم ۾ منعقد ڪيا ويندا. نيچرل سائنسز جي ڊين موجب مختلف شعبن جا مجموعي طور 68 اسڪالر ايم فل پهريون/ فائنل ۽ پي ايڇ ڊي پهريون/ ٻيو/ فائنل جي سيمينارن ۾ پنهنجي تحقيقي تجويزن ۽ ٿيسز جو دفاع ڪندا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 09/20/2022
Announcements
1024 x 768
Rs4.87bn water filtration project announced for Sindh University, minister says scheme to ...
View Details → 04/29/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کے لیے 4.87 ارب روپے کے واٹر فلٹریشن منصو...
View Details → 04/29/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ 4.87 ارب روپين جي واٽر فلٽريشن...
View Details → 04/29/2026