سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڪنٽرولر ايل ايل بي حصو پهريون، ٻيون ۽ ٽيون جي سالياني امتحان 2020ع جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر پروفيسر ڊاڪٽر سراج الحق ڪانڌڙو ايل ايل بي حصو پهريون، ٻيون ۽ ٽيون سالياني امتحان 2020ع جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. امتحاني نتيجن موجب ايل ايل بي حصو پهريون جي سالياني امتحان ۾ مجموعي طور 537 اميدوارن حصو ورتو، جن مان 477 اميدوار ڪامياب ۽ 37 ناڪام قرار ڏنا ويا. امتحان ۾ 16 اميدوار غير حاضر پڻ رهيا. ٽن اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو، جڏهن ته 4 اميدوارن جا نتيجا ڪنڊڪٽ برانچ پاران روڪيا ويا آهن. امتحانن ۾ مجموعي ڪاميابيءَ جو تناسب 88.82 سيڪڙو رهيو. ٻئي طرف ايل ايل بي حصو ٻيون جي جاري ڪيل نتيجن موجب امتحان ۾ مجموعي طور 1551 اميدوارن حصو ورتو، جن مان 1389 اميدوار ڪامياب ۽ 90 ناڪام قرار ڏنا ويا. امتحان ۾ 34 اميدوار غير حاضر پڻ رهيا. 18 اميدوارن جا نتيجا ايل ايل بي حصو پهريون ۾ فيل ۽ 20 اميدوارن جا نتيجا ڪاپي ڪيس هئڻ ڪري روڪيا ويا آهن. امتحانن ۾ مجموعي ڪاميابيءَ جو تناسب 89.55 سيڪڙو رهيو. هوڏانهن ايل ايل بي حصو ٽيون جا نتيجا پڻ جاري ڪيا ويا آهن، جنهن موجب امتحان ۾ مجموعي طور 3471 اميدوار شريڪ ٿيا، جن مان 1442 اميدوار فرسٽ ڪلاس ۽ 1675 سيڪنڊ ڪلاس سميت مجموعي طور 3117 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. امتحان ۾ 19 اميدوار غيرحاضر پڻ رهيا. پڌرائيءَ موجب 54 اميدوارن جا نتيجا ايل ايل بي حصو ٻيو ۾ فيل ۽ 95 اميدوارن جا نتيجا ڪاپي ڪيس هئڻ ڪري روڪيا ويا آهن. امتحانن ۾ مجموعي ڪاميابيءَ جو تناسب 89.80 سيڪڙو رهيو. ڪنٽرولر پروفيسر ڊاڪٽر سراج الحق ڪانڌڙو وڌيڪ ڄاڻايو ته جن به اميدوارن جا امتحاني نتيجا ڪنڊڪٽ برانچ پاران روڪيا ويا آهن، اهي پنهنجي مسئلي جي حل لاءِ ڪنڊڪٽ برانچ سان لهه وچڙ ۾ اچن. هن ڪامياب اميدوارن کي صلاح ڏني ته هو پنهنجيون مارڪ شيٽون پنهنجن لاڳاپيل ڪاليجن مان حاصل ڪن. سندس چوڻ هو ته جن به ڪامياب اميدوارن کي پاس سرٽيفڪيٽ، ٽرانسڪرپٽ ۽ ڊگري سرٽيفيڪٽ گهرجن، اهي يونيورسٽي اچي گهربل سرٽيفڪيٽ لاءِ درخواستون ڏيئي سگهن ٿا.