سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ بيچلر ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائون جاري، فئڪلٽي آف ايجوڪيشن ۾ ٽيچنگ پيشي سان لڳاءُ رکندڙ خواهمشمندن لاءِ ٻه نوان پروگرام متعارف

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي سمورن ڪئمپسز ۾ بيچلر ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامن ۾ تعليمي سال 2023ع لاءِ داخلائون جاري آهن. مختلف شعبن ۾ داخلائن جا خواهشمند يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ (www.usindh.edu.pk) تي وڃي پنهنجي رجسٽريشن مڪمل ڪرڻ بعد آن لائين فارم جمع ڪرائي سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فئڪلٽي آف ايجوڪيشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار عالماڻي پنهنجي هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته فئڪلٽي آف ايجوڪيشن ملڪ جي هن پهرين يونيورسٽيءَ جي پهرين فئڪلٽي آهي، جيڪا 1947ع کان وٺي ڪيترائي پيشيوراڻا استاد، محقق، اسڪالر، تعليمدان، تعليمي ايڊمنسٽريٽر ۽ نصاب ٺاهڻ جا ماهر پيدا ڪري چڪي آهي. هن چيو ته تعليمي سال 2023ع لاءِ فئڪلٽي آف ايجوڪيشن ۾ شام جي شفٽ لاءِ ٻه هفتيوار تعليمي پروگرام شروع ڪرايا پيا وڃن، جن ۾ هڪ بي ايڊ (سيڪنڊري 1.5 سال ٽن سيمسٽرن وارو پروگرام ۽ ٻيو شاگردياڻين لاءِ ارلي چائلڊ ايجوڪيشن ۾ هڪ سالا پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما شامل آهن. هن چيو ته ڄاڻايل ٻنهي شعبن ۾ هفتي ۾ صرف 3 ڏينهن جمعو، ڇنڇر ۽ آچر تي ڪلاس هلندا، جنهن جو مقصد تازو ڀرتي ٿيل پرائمري اسڪول ٽيچرز ۽ جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز کي ضروري تربيت فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته ڄاڻايل ٻنهي پروگرامن کي مڪمل ڪندڙ نوجوان اسڪولن ۾ آسانيءَ سان نوڪريون حاصل ڪري سگهندا. هن چيو ته ارلي چائلڊ ايجوڪيشن ۾ پي جي ڊي حاصل ڪندڙ شاگردياڻيون سرڪاري توڙي وڏن نجي اسڪولن ۾ فوري طور روزگار حاصل ڪري سگهنديون. هن چيو ته ڄاڻايل ٻنهي شعبن ۾ داخلا وٺڻ جا خواهشمند 16 آڪٽوبر تائين يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ تي رجسٽريشن ڪري آن لائين فارم جمع ڪرائي سگهن ٿا.