سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر جي ڪوششن سان مختلف ادارن ۽ وزارتن پاران مستحق شاگردن لاءِ اسڪالرشپس جي برسات، مذهبي معاملن واري وفاقي وزارت پاران فراهم ڪيل اسڪالرشپ جا چيڪ 145 اقليتي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ورهايا ويا

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسيلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي ڪوششن ۽ تتي ٿڌيءَ ڪاھ ڪاھڻ واري جذبي تحت صوبائي توڙي وفاقي ڊپارٽمينٽس، وزارتون ۽ ادارا سنڌ يونيورسٽيءَ جي مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ وڏي پئماني تي اسڪالرشپس فراهم ڪري رهيا آهن، جنهن سان ضرورتمند شاگردن کي وڏو لاڀ ملي رهيو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي 4 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ مختلف ادارن ۽ وزارتن پاران وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي ڪروڙين رپيا اسڪالرشپ جي مد ۾ فراهم ڪرڻ شرط ئي اسڪالرشپ ڪميٽيءَ جي چونڊ ۽ سفارش تي کين رقم جي ادائگي ڪئي ويئي، جنهن بعد تازو مذهبي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزارت پاران اقليتي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪالرشپ فراهم ڪئي ويئي آھي، جنهن مان مڪمل ڇنڊڇاڻ ۽ گھرجون پوريون ڪرڻ کان پوءِ گذريل ڏينهن وائيس چانسيلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو اقليتي برادريءَ سان تعلق رکندڙ 145 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 26 لک 52 هزار 200 رپين جا چيڪ ورهايا ۽ کين دل لڳائي پڙهائي جاري رکڻ جي صلاح ڏني. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو وي سي سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب منعقد ڪئي، جنهن ۾ وائيس چانسيلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزارت پاران اقليتي شاگردن لاءِ فراهم ڪيل اسڪالرشپ جي رقم 145 مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ورهائي. وائيس چانسيلر مجموعي طور 26 لک 52 هزار 200 رپين جا چيڪ ڄاڻايل اقليتي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ورهايا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ڪلھوڙو چيو ته اسڪالرشپ ڪميٽي مڪمل ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ميرٽ ۽ انصاف جي بنياد تي ڄاڻايل 145 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي چونڊ ڪئي، جنهن بعد اڄ کين مذهبي معاملن واري وفاقي وزارت پاران فراهم ڪيل اسڪالرشپ جي رقم ڏني ويئي آهي. هن چيو ته ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ميرٽ تي داخل سمورن شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيارجي ته جيئن هو ڪنهن به کُٽڪي کان سواءِ پنهنجي اعليٰ تعليم جاري رکي سگهن. هن چيو ته هلندڙ سال سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 16 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم اسڪالرشپ جي مد ۾ ورهائي چڪا آهيون. هن اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين تي زور ڀريو ته هو دل لڳائي پنهنجي پڙهائي جاري رکن ته جيئن سٺن نمبرن سان پاس ٿيڻ بعد قومي ملازمت واري مارڪيٽ ۾ نوڪريون حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته اسڪالرشپ جي فراهمي شاگردن لاءِ هڪ موقعو آهي، جنهن تي هو کين مبارڪباد نه ڏيندو، شاگردن کي مبارڪباد تڏهن ڏبي، جڏهن هو ڊگريون وٺڻ بعد پنهنجي ميرٽ تي نوڪريون حاصل ڪندا.