سنڌ يونيورسٽيءَ جي چيس ٽيم آل پاڪستان ايڇ اي سي انٽر ورسٽي چيس چئمپين شپ ۾ ٻي پوزيشن ماڻي ورتي

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ٽيم ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي اهتمام هيٺ ڪرايل 15هين آل پاڪستان ايڇ اي سي انٽر ورسٽي چيس چئمپين شپ ۾ ٻي پوزيشن ماڻي ورتي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي تعاون سان منعقد ڪرايل هن چئمپين شپ ۾ پاڪستان جي 24 يونيورسٽين جي ٽيمن حصو ورتو. چئمپين شپ ۾ 6-6 ٽيمن تي مشتمل 4 گروپن وچ ۾ مقابلا ڪرايا ويا، جن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيم سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ جي ٽيم کي ٻُڙيءَ جي مقابلي ۾ 3 رائونڊن تان، يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ اينڊ ٽيڪنالوجي لاهور جي ٽيم کي ٻُڙيءَ جي مقابلي ۾ 3، اسلاميه يونيورسٽي آف بهاولپور جي ٽيم کي هڪ جي مقابلي ۾ 2، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد کي ٻُڙيءَ جي مقابلي ۾ 3، يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز لاهور جي ٽيم کي هڪ جي مقابلي ۾ 2، ڪوارٽر فائنل ۾ اقراء يونيورسٽي ڪراچي جي ٽيم کي هڪ جي مقابلي ۾ 2 رائونڊن تان ۽ سيمي فائنل ۾ نمل يونيورسٽي اسلام آباد کي هڪ جي مقابلي ۾ 2 رائونڊن تان شڪست ڏيئي چئمپين شپ ۾ ٻي پوزيشن ماڻي ورتي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيم جي رانديگرن ۾ عبدالمعارج، محمد نجم الدين، سيد سارم واسطي ۽ سريش ڪمار شامل هئا، جن ڊائريڪٽر اسپورٽس (بوائز) اجويد احمد ڀٽيءَ جي قيادت هيٺ چئمپين شپ ۾ حصو ورتو. ٻئي طرف چئمپين شپ ۾ سٺي پوزيشن حاصل ڪرڻ بعد چيس ٽيم جي رانديگرن ڊائريڪٽر اسپورٽس (بوائز) اجويد احمد ڀٽيءَ سان گڏجي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس رنر اپ ٽرافي پڻ ڏيکاري. وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو سنڌ يونيورسٽيءَ جي چيس ٽيم جي ڪاميابيءَ تي سرهائيءَ جو اظهار ڪندي ڊائريڪٽر اسپورٽس ۽ ٽيم جي رانديگرن کي مبارڪباد پيش ڪئي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 02/02/2023
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ جو 211هون اجلاس، گذريل...
View Details → 01/01/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کی سینڈیکیٹ کا 211واں اجلاس، گزشتہ مالی ...
View Details → 01/01/2026
1024 x 768
SU Syndicate reviews finances, approves previous budget, allows new academic initiatives
View Details → 01/01/2026