سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پاران 170 شاگردن ۾ پوڻا 26 لکن جي اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا ويا، خيرپور ميرس ۽ شهيد بينظير آباد جي 123 شاگردن کي ٻوڏ متاثر فنڊ ۽ 47 شاگردن کي اسٽوڊنٽ ويلفيئر فنڊ فيز 2 تحت اسڪالرشپ جا چيڪ ڏنا وي

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ خيرپور ميرس ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن سان واسطو رکندڙ 123 شاگردن سميت 170 شاگردن کي اسڪالر شپ جا چيڪ ڏنا ويا. وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو مجموعي طور 170 اسڪالرن ۾ 25 لک 73 هزار 550 رپين جا چيڪ ورهايا. ان سلسلي ۾ وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ متاثر ضلعن سان واسطو رکندڙ شاگردن لاءِ جاري ٿيل ٻوڏ متاثر فنڊ اسڪالرشپ تحت خيرپور ميرس جي 76 ۽ شهيد بينظير آباد جي 47 شاگردن ۾ تقريبن 17 لک 80 هزار جڏهن ته اسٽوڊنٽس ويلفيئر فنڊ فيز 2 تحت 47 اميدوارن ۾ 7 لک 93 هزار کان به وڌيڪ جا اسڪالرشپ چيڪ ورهايا ويا. چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته خوش نصيب شاگرد اسڪالرشپ تحت مليل رقم جو درست استعمال ڪن ۽ پنهنجين ڊگرين کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ تعليم يافته استاد موجود آهن، جن جي نگرانيءَ هيٺ ڊگريون مڪمل ڪرڻ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏن سبب دادو ضلعو سڀ کان گهڻو متاثر ٿيو، دادو ضلعي جي شاگردن لاءِ سنڌ حڪومت 15 لک رپيا منظور ڪيا آهن، پر اسان وزيراعليٰ سنڌ کي درخواست ڪئي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 17 لک رپين جي وڌيڪ رقم جاري ڪئي وڃي ته جيئن انٽرويوز کان پوءِ چونڊيل سمورن شاگردن ۾ رقم ورهائي سگهجي. تقريب ۾ ڊائريڪٽر ايڊميشنز ڊاڪٽر اياز ڪيريو، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرز (بوائز) ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊپٽي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرز (گرلز) نجما چنا، ڪرمنالاجي شعبي جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر نبي بخش ناريجو، بوائز هاسٽلز جو پرووسٽ ڊاڪٽر پسند علي کوسو، جان عالم سولنگي، قمر نانگراج، رافع شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.