سنڌ يونيورسٽي پاران لاڳاپيل خانگي ڪاليجن ۾ بي ايس آءِ ٽي، بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۽ بي سي آءِ ٽي جي سيمسٽر امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊول جاري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران لاڳاپيل خانگي ڪاليجن توڙي انسٽيٽيوٽس ۾ بي ايس آءِ ٽي، بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۽ بي سي آءِ ٽي حصو پهريون، ٻيون، ٽيون ۽ چوٿون جي پهرئين سيمسٽر جي امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل خانگي ڪاليجن توڙي انسٽيٽيوٽس ۾ 4 سالا بي ايس آءِ ٽي ۽ بي ايس سافٽ ويئر پروگرام حصو پهريون (بئچ 2023ع)، حصو ٻيون (بئچ 2021ع ۽ 2022ع)، حصو ٽيون (بئچ 2020ع) ۽ حصو چوٿون (بئچ 2019ع) جي ريگيولر توڙي فيلوور جڏهن ته بي سي آءِ ٽي جي حصو پهريون، ٻيون ۽ ٽيون جي فقط فيلوئر اميدوارن جا پهرئين سيمسٽر 2023ع جا امتحان جلد منعقد ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ بنا ليٽ فيءَ جي آن لائين امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 سيپٽمبر 2023ع مقرر ڪئي ويئي، جڏهن ته 18 کان 22 سيپٽمبر 2023ع تائين 5000 رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ فارم جمع ڪرائي سگهبو. پڌرائيءَ موجب لاڳاپيل ڪاليج 25 سيپٽمبر يا ان کان اڳ امتحاني فارم سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪنٽرولر آفيس ۾ لازمي جمع ڪرائين. پڌرائيءَ موجب امتحاني فيس ڪمپيوٽرائيزڊ چالان ذريعي حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ جمع ڪرائي سگهجي ٿي، جڏهن ته امتحاني فيس فنڊ ٽرانسفر/ سينڊ مني آپشن ذريعي جمع نه ڪرائي وڃي.