سنڌ يونيورسٽيءَ جي امتحانن واري ڪنٽرولر پاران اي ڊي آرٽس ۽ بي اي پاس حصو پهريون جي سالياني امتحان 2021ع جي نتيجن جو اعلان

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر شاهد حسين لاڙڪ لاڳاپيل ڪاليجن ۾ ٿيل اي ڊي (آرٽس) حصو پهريون ۽ بي اي (پاس) حصو پهريون جي سالياني امتحانن 2021ع جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. پنھنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڪنٽرولر شاهد حسين لاڙڪ ڄاڻايو ته اي ڊي (آرٽس) حصو پهريون جي سالياني امتحان 2021ع ۾ مجموعي طور 13987 اميدوارن حصو ورتو، جن مان 10759 اميدوار پاس ۽ 1602 ناپاس قرار ڏنا ويا. پڌرائي موجب امتحان ۾ 552 اميدوار غير حاضر رهيا، جڏهن ته 1074 ڄڻن جا نتيجا مختلف سببن جي ڪري روڪيا ويا آهن. ان کان علاوه هڪ اميدوار کي ٽن سالن لاءِ ريسٽيڪيٽ پڻ ڪيو ويو آهي. امتحان ۾ ڪاميابيءَ جو تناسب مجموعي طور 76.92 سيڪڙو رهيو. ٻئي طرف بي اي (پاس) حصو پهريون جي سالياني امتحان 2021ع ۾ مجموعي طور 620 اميدوار شريڪ ٿيا، جن مان 455 اميدوار پاس ۽ 50 ناپاس قرار ڏنا ويا. پڌرائي موجب امتحان ۾ 21 اميدوار غير حاضر رهيا، جڏهن ته 94 ڄڻن جا نتيجا مختلف سببن جي ڪري روڪيا ويا آهن. امتحان ۾ ڪاميابيءَ جو تناسب مجموعي طور 73.38 سيڪڙو رهيو.