MPhil/M.S & PhD Admissions 2025
سنڌ يونيورسٽيءَ جي امتحانن واري ڪنٽرولر پاران بي اي (پاس) ۽ اي ڊي آرٽس حصو ٻيون جي سالياني امتحان 2021ع جي نتيجن جو اعلان

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر شاهد حسين لاڙڪ لاڳاپيل ڪاليجن ۾ ٿيل بي اي (پاس) حصو ٻيون ۽ اي ڊي (آرٽس) حصو ٻيون جي سالياني امتحانن 2021ع جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. پنھنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڪنٽرولر شاهد حسين لاڙڪ ڄاڻايو ته بي اي (پاس) حصو ٻيون جي سالياني امتحان 2021ع ۾ مجموعي طور 2082 اميدوارن حصو ورتو، جن 69 اميدوار فرسٽ ڪلاس، 1458 سيڪنڊ ڪلاس ۽ 99 اميدوار ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس ٿيا، جنهن سبب مجموعي طور 1626 اميدوار پاس ۽ 135 ناپاس قرار ڏنا ويا. پڌرائي موجب امتحان ۾ 107 اميدوار غير حاضر رهيا، جڏهن ته 208 ڄڻن جا نتيجا مختلف سببن جي ڪري روڪيا ويا آهن. ان کان علاوه 6 اميدوارن کي 2 کان 3 سالن تائين لاءِ رسٽيڪيٽ پڻ ڪيو ويو آهي. امتحان ۾ ڪاميابيءَ جو تناسب مجموعي طور 78.09 سيڪڙو رهيو. ٻئي طرف اي ڊي (آرٽس) حصو ٻيون جي سالياني امتحان 2021ع ۾ مجموعي طور 5985 اميدوار شريڪ ٿيا، جن مان 753 اميدوار فرسٽ ڪلاس، 4265 سيڪنڊ ڪلاس ۽ 68 اميدوار ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس ٿيا، جنهن سبب مجموعي طور 5086 اميدوار پاس ۽ 469 ناپاس قرار ڏنا ويا. پڌرائي موجب امتحان ۾ 32 اميدوار غير حاضر رهيا، جڏهن ته 370 ڄڻن جا نتيجا مختلف سببن جي ڪري روڪيا ويا آهن. ان کان علاوه 38 اميدوارن کي 2 سالن لاءِ رسٽيڪيٽ پڻ ڪيو ويو آهي. امتحان ۾ ڪاميابيءَ جو تناسب مجموعي طور 84.97 سيڪڙو رهيو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 09/06/2023
Announcements
Academic Transcript / Marksheet
University of Sindh Extends Admission Deadline for Associate Degree Programs –...
View Details → 07/18/2025
Academic Transcript / Marksheet
سنڌ يونيورسٽي پاران 3 اهم هنڌن تي گلدار ۽ ميو...
View Details → 07/16/2025
Academic Transcript / Marksheet
جامعہ سندھ کی جانب سے 3 اہم مقامات پر پھولدا...
View Details → 07/16/2025