سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل سرڪاري ڪاليجن ۾ اي ڊي اي/بي ايڊ، بي ايس ڪئمسٽري، زولاجي، بي سي ايس ۽ اي ڊي ايس باٽني جي پهرئين سيمسٽر جي امتحانن جي نئين تاريخ 17 آڪٽوبر مقرر

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سان لاڳاپيل سرڪاري ڪاليجن توڙي انسٽيٽيوٽن ۾ اي ڊي اي/ بي ايڊ (آنرز)، بي ايس ڪئمسٽري، بي ايس زولاجي، بي سي ايس ۽ اي ڊي ايس باٽني (2021، 2022 ۽ 2023ع بئچ) جي پهرئين سيمسٽر جا امتحان 17 آڪٽوبر 2023ع تي منعقد ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته ڄاڻايل امتحانن لاءِ اڳ ۾ تاريخ 3 آڪٽوبر 2023ع مقرر ڪئي ويئي، جيڪا ملتوي ڪري نئين تاريخ 17 آڪٽوبر 2023ع مقرر ڪئي ويئي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته امتحانن جو تفصيلي ٽائيم ٽيبل به جلد جاري ڪيو ويندو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 09/28/2023
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي انسٽيٽيوشنل ڪوالٽي سرڪل ٻيهر جوڙي ...
View Details → 03/19/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ نے انسٹیٹیوشنل کوالٹی سرکل دوبارہ تشک...
View Details → 03/19/2026
1024 x 768
Sindh University reconstitutes institutional quality circle
View Details → 03/19/2026