سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ سالياني امتحان 2022ع لاءِ آن لائين امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 27 نومبر تائين واڌ جو اعلان
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر شاهد حسين لاڙڪ پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ سالياني امتحان 2022ع لاءِ آن لائين امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 3000 رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ 27 نومبر 2023ع تائين واڌ ڪئي ويئي آهي. ڪنٽرولر وڌيڪ ڄاڻايو ته تاريخ ۾ ڄاڻايل واڌ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اعليٰ اختيارين لاڳاپيل ڪاليجن جي پرنسپالن ۽ اميدوارن جي گذارش تي ڪئي آهي.