سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ 23 جنوريءَ کان شروع ٿيندڙ ساليانا امتحان عام چونڊن سبب ملتوي، نئون شيڊيول بعد ۾ جاري ڪيو ويندو: سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر جي پڌرائي

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ اي ڊي آرٽس، سائنس، ڪامرس، هوم اڪنامڪس، بي اي، بي ايس سي، بي ايس سي هوم اڪنامڪس حصو پهريون جا ساليانا امتحان 2022ع جيڪي 23 جنوري 2024ع تي رٿيل هئا، عام چونڊن سبب ملتوي ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر شاهد حسين لاڙڪ پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ اي ڊي آرٽس، سائنس، ڪامرس، هوم اڪنامڪس، بي اي، بي ايس سي، بي ايس سي هوم اڪنامڪس حصو پهريون جا ساليانا امتحان 2022ع حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ريجنل ڊائريڪٽرز ڪاليجز جي گذارش تي عام چونڊن سبب ملتوي ڪيا ويا آهن. ڄاڻايل امتحانن جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 01/16/2024
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران تعليمي سال 2026ع بيچلرس ۽ ٿرڊ ا...
View Details → 09/16/2025
1024 x 768
سنڌالاجي ۾ سڀاڻي ڪتابي ميلي جي اختتامي تقريب ۽ “ج...
View Details → 09/16/2025
1024 x 768
جامعہ سندھ کا تعلیمی سال 2026ء کے تحت بیچلر اور تھرڈ...
View Details → 09/16/2025