سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ 23 جنوريءَ کان شروع ٿيندڙ ساليانا امتحان عام چونڊن سبب ملتوي، نئون شيڊيول بعد ۾ جاري ڪيو ويندو: سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر جي پڌرائي

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ اي ڊي آرٽس، سائنس، ڪامرس، هوم اڪنامڪس، بي اي، بي ايس سي، بي ايس سي هوم اڪنامڪس حصو پهريون جا ساليانا امتحان 2022ع جيڪي 23 جنوري 2024ع تي رٿيل هئا، عام چونڊن سبب ملتوي ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر شاهد حسين لاڙڪ پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ اي ڊي آرٽس، سائنس، ڪامرس، هوم اڪنامڪس، بي اي، بي ايس سي، بي ايس سي هوم اڪنامڪس حصو پهريون جا ساليانا امتحان 2022ع حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ريجنل ڊائريڪٽرز ڪاليجز جي گذارش تي عام چونڊن سبب ملتوي ڪيا ويا آهن. ڄاڻايل امتحانن جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 01/16/2024
Announcements
1024 x 768
Academics call for responsible social media use to protect human rights
View Details → 03/11/2026
1024 x 768
SU constitutes committee to strengthen alumni outreach
View Details → 03/11/2026
1024 x 768
تعلمي ماهرن پاران انساني حقن جي تحفظ لاءِ سوشل مي...
View Details → 03/11/2026